ملير جي غريب آباد علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سخت احتجاجي مظاهرو

ڇهن مهينن کان پاڻي کان محروم، شهري ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ملير جي غريب آباد علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سخت احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يونين ڪائونسل 06 صالح محمد ڳوٺ جي غريب آباد علائقي جي رهواسين ڇهن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ دلچسپي رکندڙ رهواسين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، جنهن جي اڳواڻي فدا حسين لاشاري، برڪت بلوچ، صديق بلوچ ۽ ٻين مقامي اڳواڻن ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي پاڻي جي فراهمي جي بحالي جا مطالبا لکيل هئا. احتجاج دوران مظاهرين گڊاپ ٽائون ۽ يوسي صالح محمد ڳوٺ جي مقامي حڪومت جي نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته عوامي مينڊيٽ ملڻ باوجود نمائندن علائقي جي بنيادي مسئلن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. مظاهرين جو چوڻ هو ته غريب آباد ۾ پاڻي جي فراهمي گذريل ڇهن مهينن کان مڪمل طور تي معطل آهي، جنهن سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي جي کوٽ سبب علائقي جا رهواسي ٽينڪر مافيا کان مهانگي اگهن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. احتجاج ۾ شامل اڳواڻن چيو ته، "اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر آهيون، پر بدقسمتي سان ڪو به اسان جي مسئلن کي نٿو ٻڌي." انهن وڌيڪ چيو ته بار بار شڪايتن جي باوجود، چونڊيل نمائندن نه ته دورو ڪيو آهي ۽ نه ئي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي اعليٰ عملدارن غريب آباد ۾ جلد کان جلد پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي بنيادي حق کي يقيني بڻايو وڃي.