ڊي سي نوشهروفيروز ايس ايم بند جو دورو، سنڌو درياء ۾ موجوده ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

پاڻي جي صورتحال تي لڳاتار نگراني ڪئي وڃي، ڪمزور بندن کي وقت سر مضبوط ڪيو وڃي: محمد ارسلان سليم

ڊي سي نوشهروفيروز ايس ايم بند جو دورو، سنڌو درياء ۾ موجوده ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

نوشھروفيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم پاران ايس ايم بند جو دورو سنڌو درياء ۾ موجوده ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو۔ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم اڄ دادو-مورو پل کان وٺي ايس ايم بند (ڪوڙي جا ڀاڻ) تائين سنڌي درياءَ جي حفاظتي بندن جو دورو ڪيو، جتي هن سنڌو درياء ۾ موجوده ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. دوري دوران بندن تي جاري ترقياتي ڪم ۽ آبپاشي کاتي پاران هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل بندوبستن جو به معائنو ڪيو ويو.ان موقعي تي ايڪسين آبپاشي روھڙي ڊويزن مورو افتخار حسين لانگاھ پاران ڊپٽي ڪمشنر کي درياهه ۾ ٻوڏ جي موجوده صورتحال، ڪمزور جڳهن جي حالت ۽ ڪيل احتياطي اپائن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز علي شان ملڪ ۽اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي پڻ موجود هئا. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر آبپاشي کاتي جي عملدارن تي ڀريو ته پاڻي جي صورتحال تي لڳاتار نگراني ڪئي وڃي، ڪمزور بندن کي وقت سر مضبوط ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل سڀني کاتن جي وچ ۾ مڪمل رابطي ۽ سهڪار سان هنگامي حالتن کي اثرائتي نموني منهن ڏنو وڃي.