English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڳڻ ۾ ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو پاران ميڊيا جي نمائندن کي اسپتال جو دورو
253 views
|
16th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
وڳڻ: رورل ھيلٿ سينٽر وڳڻ ۾ ضلعي صحت آفيسر قمبر شھدادڪوٽ طرفان ميڊيا جي نمائندن کي اسپتال جو دورو ڪرائي علاج لاء ايندڙ مريضن کي صحت جي ملندڙ سھولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي ان موقعي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، ايم ايس ڊاڪٽر محمد پناھ بروهي ۽ ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ثناءُ الله وڳڻ چيو ته ھن وقت رورل ھيلٿ سينٽر وڳڻ تمام بھتر نموني ھلي رھيو آھي جتي ڊاڪٽرن سميت سمورو عملو ھفتي جا سمورا ڏينھن چوويھ ڪلاڪ علاج لاء ايندڙ مريضن کي صحت جون سموريون سھولتون فراھم ڪري رھيو آھي اسپتال ۾ ايندڙ مريضن مردن عورتن ٻارن کي مختلف بيمارين جا ماھر ڊاڪٽر چڪاسي کين دوائون فراھم ڪن ٿا جڏھن ته ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن کي پڻ فرسٽ ايڊ ڏني وڃي ٿي ان سان گڏ عورتن جي نارمل ڊليوري پڻ ڪرائي وڃي ٿي جڏھن ته ڏندن جو شعبو پڻ فعال آھي ۽ الٽراسائونڊ جي سھولت پڻ ميسر آھي جڏھن ته سموري اسپتال ۾ سولر سسٽم پڻ لڳرايو آھي جڏھن ته اسپتال جي زبون حال ٿي ويل بلڊنگ جي نئين سر تعمير لاء ۽ ايڪسري مشين توڙي ايمبولنس لاء پڻ اعلا اختيارين کي لکت ۾ ۽ تڪ جي ايم پي اي نوابزاده برحان خان چانڊيو کي پڻ زباني چيو آھي جيڪي پڻ مسئلا تمام جلد حل ٿي ويندا ھنن چيو ته ھيٽ اسٽروڪ سميت مختلف حادثن ۾ ايندڙ مريضن لاء نوان بيڊ پڻ رکيا آھن اسپتال ۾ سھولتون ميسر ھئڻ باوجود ڪجھ شھر دشمن ۽ شر پسند عناصر بنا جواز واويلا ڪري رھيا آھن جنجو مقصد ڪجھ ٻيو آھي اسان سندن سازشن جو مقابلو ڪري وڳڻ جي سرڪاري اسپتال کي اڃان به وڌيڪ سھولتون ميسر ڪرڻ لاء ڪوششون ڪنداسين ان موقعي تي مقامي صحافين صحت کاتي قمبر شھدادڪوٽ جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گلزار علي تنيو پاران اختيار ڪيل اسپتال ۾ صحت جي سھولت جون گھرجون پوريون ڪرڻ ۽ اسپتال کي بھتر نموني فعال ڪرڻ واري طريقي جي تعريف ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
21st Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کا سینئر رکن سہیل سانگی کے صاحبزادے کی گمشدگی پر شدید تشویش کا اظہار
21st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڦل شهر زندگي زهر - مسئلن ۾ ڦاٿل ڦل شهر
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اُرڙي وگھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت، گھر ۾ ڪھرام متل
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آغا سجاد ميمڻ جي موبائيل شاپ تي مبينا حملو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وڳڻ
ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو
0 تبصرے