ٺٽي جي مختلف ڳوٺن ۾ روڊن جو ڪم جاري، محسن هائوس ٺٽو جي انچارج شاهنواز لوهار ڪمن جو جائزو ورتو

ٺٽي جي مختلف ڳوٺن ۾ روڊن جو ڪم جاري، محسن هائوس ٺٽو جي انچارج شاهنواز لوهار ڪمن جو جائزو ورتو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)صوبائي وزير ورڪس سروس اينڊ جيل خانه جات حاجي علي حسن زرداري طرفان ٺٽو لڳ پراڻي ڪئمپ جي مختلف تاريخي ۽ قديمي ڳوٺن غلام محمد شاه ڳوٺ حسين شورو ڳوٺ صالح خاصخيلي توڙي ٻين ڳوٺن لا۽ ڏنل روڊ جي تعميرات تيزي سان آخري مرحلي ۾ پهچي وئي سمورن ڳوٺن جي سوين مقامي ڳوٺاڻن طرفان محسن هائوس ٺٽو جي انچارج شاهنواز لوهار طرفان هلندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ لا۽ مذوڪوره روڊ جي تعميرات واري هنڌ پهچي جائزو ورتو جنهن دوران ڳوٺاڻن خصوصي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جو شڪريو ادا ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ڳوٺاڻن چيو ته ڪيترن سالن کان سندن تاريخي ڳوٺن جي ماڻهن کي شديد مشڪلات در پيش هئي جنهن ڪري سندن ڳوٺن جي انتهائي اهم مشڪلات دور ٿي آهي ياد رهي ته سموري سنڌ ۾ ٺٽو ضلعو روڊن رستن توڙي ٻين ترقياتي اسڪيمن ۾ اڳڀرائي حاصل جو خاص ڪريڊٽ حاجي علي حسن زرداري جي ڏانهن وڃي ٿو جنهن جي خصوصي ڪوششن سان ٺٽي ضلعي جي ماڻهن کي روڊن جي تعمير آر او پلانٽ سي سي پڪيون گليون ٽٽل پلن جو تعمير بجلي لائينن جي رسائي توڙي ٻيون اهم اسڪميون شامل جن تي تمام تيز سان ڪم هلندڙ آهن