وڏي عرصي کان سنڌ جي مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم پنهنجي جائز مطالبن حقن لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس تائين احتجاجي ريليون ڪڍي مطالبا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهن پر سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي پوليس پنهنجي روايتي واٽر ڪينن جي گندي پاڻيءَ ۽ آنسو گيس جي شيلن وسائڻ سان آڌر ڀاءُ ڪندي رهي آهي ۽ مطالبا تسليم نه ڪيا ويا آهن، سڀني کي خبر آهي ته هڪ وڏي عرصي کان سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي مراعتون سهولتون نه ملڻ جي ڪري سرڪاري ملازم ڊسپرنتي الائونس، گروپ انشورنس، سن ڪوٽا، ھائوس رينٽ ۾ بدنيتي سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ۽ وڏي مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪراچي ۾ تازو ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس ڏانهن ويندڙ سرڪاري ملازمن خاص ڪري استادن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. پوليس واٽر ڪينن، شيل، لاٺي چارج ڪري وحشياڻي غير قانوني غير جمهوري روايت کي ورجايو ويو آهي. سنڌ جي پرائمري استادن جا معاشي مسئلا جڏهن حل نه ٿيندا ۽ انهن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رکيو ويندو ته پوءِ اهي سنڌ جا استاد به احساس محرومي ۾ مبتلا رهڻ بعد پنهنجن جائز مطالبن لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿيڻ لڳن ٿا. جنهن ڪري سنڌ جي پرائمري ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سرڪاري ملازمن جي احتجاجي ريلي ۾ جيڪي ملڪ جي ٻين صوبن جي سرڪاري ملازمن ۽ استادن کي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون جهڙوڪ ڊسپرنٽي الائونس، بجيٽ ۾ پگهارون مهانگائي مطابق وڌايون وڃن، گروپ انشورنس، سن ڪوٽا، تعليمي ڊگرين جون انڪريمينٽون، نون ڀرتي ٿيل استادن کي ريگيولر ڪرڻ سميت ٻيا مسئلا ٻين صوبن جي استادن کي ملندا رهن ٿا پر بدقسمتي سان سنڌ جي استادن کي انهي سلسلي ۾ هرهڪ حڪومت نظر انداز ڪيو آهي، سنڌ ۾ حڪومت قائم آهي. سنڌ جي استادن ۾ اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس، اقراءَ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي جڏهن کان ڀرتي ٿيا آهن انهيءَ ڏينهن کان نوڪريءَ ۾ نه رکڻ معنيٰ انهن نون ڀرتي ٿيل هزارين ميل ۽ فيميل ٽيچرس جي سينارٽيءَ مٿان ڌاڙو هڻڻ مثل عمل آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ جي استادن کي ته پهرين ڏينهن ئي مستقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ظاهر ڪري ڏيکاريو ويو پر انهي سلسلي ۾“ وري به اندرون سنڌ لاڙڪاڻو، دادو، ميرپور خاص، خيرپور ميرس سميت ٻين شهرن جي استادن کي ميرٽ اهليت هجڻ باوجود مستقل نه ڪرن سراسر ناانصافي، ظلم زيادتي ۽ حڪومتي ڏاڍ آهي.استادن جي تنظيم جيڪڏهن پنهنجن استادن جي ڪاز مقصد ۽ تعليم جي بهتريءَ لاءِ قدم کڻڻ لڳي ته جيڪي هيءُ ايڏو وڏو ڌمچڪر ۽ هل هنگامو ئي نه ٿئي. هن تنظيم ۾ چور دروازي کان ايندڙ ماڻهن جو نيڪال ٿي ويو, جيڪي استادن کي پنهنجا جائز حق ڏيارڻ لاءِ روز نوان قلم قانون ۽ دلاسا، آسرا، سهارا ڏيندي استادن کي نظر انداز ڪندا رهن ٿا. وقت جي حڪمرانن کي شايد اها سڌ ئي ناهي ته استاد ڪيڏي وڏي قوت ۽ سگهه رکي ٿو استادن قومن جي سڃاڻپ، شناخت معمارن جي جوڙ جڪ، استاد پاڻ ته بادشاهه ناهي پر هو بادشاهن، منسٽرن، وزيرن کي علمي شعور سان پيدا ڪندو آهي. انهي عظيم استادن جي محنتن سان ئي ملڪ جا محافظ ڪمانڊوز، صدر، وزير اعظم سميت وڏن عهدن تي فائز رهندڙ جج صاحبان پڻ پيدا ٿيندا رهن ٿا. جيڪڏهن استاد جي عظمت جي ڳالهه ڪجي ته پنجاب صوبي ۾ استادن کي سلام ڪرڻ لاءِ پوليس ڊپارٽمينٽ کي سختيءَ سان هدايتون ڪيون ويون آهن ته استاد جتي به رستي تان وڃن ته انهن کي پهرين سلام ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا ڪي پي ڪي حڪومت استادن جي احترام ۾ هڪ قدم اڳتي ايندي اهو تعليم کاتي سميت ٻين ادارن ۾ اهو سرڪيولر لاڳو ڪيو ويو آهي ته جيڪو به سرڪاري سطح تي خط پٽ، آفيشل ليٽر ڪنهن به استاد جي حوالي سان ڪڍيو ويندو. جنهن ۾ اليڪشن ڊيوٽي هجي يا ٻئي ڪا به ڊيوٽي انهي ۾ صرف انهي استاد جو نالو ئي نه يا مسٽر نه پر انهيءَ جي نالي اڳيان مان وارا ضروري لکيو وڃي ٿو. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ڪورٽن جي جج صاحبان کانپوءِ استاد لاءِ احترام ادب ۽ لحاظ آهي جيڪڏهن ڪنهن به روڊ تان استاد اچي ٿو ته پهريان ٽرئفڪ سارجنٽ کي چيل آهي ته وزير ، مشير ۽ حڪومتي صلاحڪار بجاءِ اسان جي قوم جي ٻارڙن جي استاد کي اوليت جي بنياد تي رستو ڏنو وڃي پوءِ ملڪ جو صدر يا وزير اعظم کي رستوڪراس ڪرايو وڃي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان وٽ اسانجي قوم ۾ واقعي شعوري سگهه منتقل ٿيڻ لڳي ته پوءِ استاد کي شاندار مانُ مرتبو، شان شوڪت ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ٿيندڙ لانگ مارچ جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب کان نڪرندڙ سي ايم هائوس ڏانهن ويندڙ جائز مطالبن لاءِ نڪتل پرامن قافلي احتجاجي مظاهري ڌرڻي لانگ مارچ مٿان هلان ڪري غير انساني وحشياڻو تشدد جي روايت برقرار رکي وئي ته پوءِ پڪ ڄاڻجي ته هيءَ حڪومت جيڪا بار بار ڊيموڪريٽڪ جمهوريت جي دعويدار آهي ڪنهن به ڊڪٽيٽر آمر جي باقيات کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. آئيني، قانوني ۽ جمهوري انداز ۾ استادن کي پنهنجو پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي جيئن اهي پنهنجي ئي صوبي جي چونڊيل ننڍن شهرن جي نمائندگي ڪندڙ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ۽ ٿر جي سادڙن سٻاجهڙن ماروئڙن جي ووٽن سان وزير تعليم بڻجندڙ، صوبائي وزير تعليم سردار شاهه جيڪو هڪ بهترين شاعر سان گڏ انسان دوست پڻ آهي، شاعر معنيٰ انساني جذبات کي سمجهندڙ ۽ قدر ڪندڙ ٻين جي جذبات جي عڪاسي ڪندڙ هوندا آهن. جيڪڏهن انهي کان اڳ ۾ حڪومت سنڌ پنهنجي قوم جي عظيم ورثي جي مالڪن کي نظر ڪرڻ بجاءِ جمهوري روايتن جي پاسداري قائم ڪندي استادن جي جائز مطالبن جي نوٽيفڪيشن کي پڌرو ڪيو وڃي ته جيڪر سموري سنڌ جا هزارين استاد اهڙي شديد گرمي جي موسم ۾ پنهنجن شهرن ڳوٺن ۾ پنهنجن ٻچڙن سان خير خوشيءَ سان ترسي پون پر جيڪڏهن بار بار استادن کي استاد جدوجهد تحريڪ ۾ وحشياڻي تشدد ذريعي هيسائڻ سان حڪومت سنڌ جي مان مرتبي ۾ واڌارو اچي ٿو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. قوم جي هر فرد جيان اسانجي قومي سڃاهه وند ڌرين، ادبي حلقن سميت قومپرست تنظيمن جي گهڻ گهرن اڳواڻن پڻ سنڌ جي پرامن جدوجهد ڪندڙ استادن جي لانگ مارچ جي مڪمل حمايت جو عملي اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ احتجاجي ڌرڻي ۾ ڀرپور سرڪاري ملازمن جي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت يقينن ملازمن جي دائمي فتح ڪاميابي سڏبي . جيڪڏهن سنڌ جي استادن جي واهر ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ پنهنجن شهيد قيادت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص ڪري سنڌ جي استادن جي جائز مطالبن جي حوالي سان ڪو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو ڪري ڏيکاري پوءِ ائين نه ٿئي جو پ پ وارن کان حڪومت پنهنجن ئي هٿن مان نڪري وڃي جيئن انهن کان وفاقي حڪومت هٿن مان نڪري وئي آهي ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چواڻي ته سنڌ جي هر هڪ سرڪاري ڊپارٽمينٽ جي ڀينگ ٿيل آهي.ڪو به سرڪاري کاتو ڪرپشن کان خالي ڪونهي جتي وڃون ٿا ته اتي رڻ پٽ لڳو پيو آهي حالتن جي ستم ظريفي جو تعليم ۽ صحت جهڙي کاتن کي به نه ڇڏيو ويو آهي جنهن ڪري بيمارن جون لوڌون اسپتالن مان نڪرن ٿيون ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سڃ لڳي پئي آهي جو اسڪولن ڪاليجن ۾ واش رومز، باٿ رومز سميت ٻين مسئلن جي حوالي سان هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون متاثره ٿين ٿيون پر حڪومت کي انهي جو ڪو به احساس باقي ناهي. جڏهن ته ايجوڪيشن دپارٽمينٽ کي سڀ کان وڌيڪ بجيٽ ملندي رهي آهي پر اسڪولن ۾ فرنيچر ڪرسيون، ميزون، ٽيبلون وغيره نه ملنديون ۽ هن جديد دور ۾ به ٻارڙا کلي آسمان هيٺ ڍت کان بغير ويٺل نظر اچن ٿا. جڏهن سمورن صوبن جي استادن جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪيا ويا آهن ته پوءِ سنڌ جي استادن جا جائز ۽ حڪومت سنڌ پاڻ تسليم ڪيل مطالبن جو نوٽيفڪشن ڇو ٿي پڌرو ڪري استادن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي. سنڌ جا استاد جڏهن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعليٰ هائوس تائين احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو لڳايو ويو. جيڪڏهن حڪومت سنڌ ۾ ٿورو به عقل سمجهه آهي ته هو پنهنجي دانشمندانه شعور مطابق استادن کان مطالبن جو چارٽر آف ڊمانڊ وٺندي ۽ انهن عظيم هستي رکندڙ استادن مٿان غير جمهوري انداز ۾ وحشياڻي تشدد بجاءِ شفقت ڀري لهجي ۾ نارمل انداز ۾ نبيرو ڪري مسئلا حل ڪري استادن مان بي چيني ختم ڪئي ويندي. نه ته سموري سنڌ جا استاد ئي نه نڪرندڙ استادن جي پيادل لانگ مارچ ۾ شريڪ استادن جو نه ئي صحيح پر شهيدن جي سرزمين جي ڌرتيءَ جو ئي لحاظ رکندي سنڌ جي سرڪاري ملازمن جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن. هاڻي هن ڀيري جون ۾ جيڪا وزير اعظم شهڀاز شريف سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائي آهي اها اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، جڏهن ته وفاقي ۽ پنجاب صوبي جي سرڪاري ملازمن ۽ ٻين پسنديده ماڻهن جي پگهارن ۾ 40 کان 60 سيڪڙو پگهارون وڌايون ويون آهن. سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پگهار نه وڌائي وئي آهي بلڪ خيرات مثل صرف ۽ صرف ٻه سيڪڙو پگهار وڌائڻ سواء مذاق جي ٻيو ڪجهه به ناهي. ان لاءِ جون ۾ سالياني بجيٽ جي ڏهاڙي کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي هرهڪ شهر سميت ڪراچي پريس ڪلب سميت هرهڪ شهر ۾ ستادن جي نمائندگي ڪندڙ عظيم اڳواڻ محترم سائين سڪندر علي جتوئي جي اڳواڻي ۾ 22 جولاء اڱاري ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ استادن جي عظيم اڳواڻن حاجي شفيع محمد سٺيو توڙي سڪندر علي جتوئي صاحب استادن جي وسيع تر مفادن خاطر هميشه پاڻ ملھايو آهي ۽ اميد آهي ته هاڻي به ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس پاڻ ارپي گهٽ ۾ گهٽ سينئير ترين پرائمري استادن کي 17 گريڊ ڏيارڻ لاءِ آر يا پار ڪري مڙس ماڻهو ٿي ڪري احتجاج کان واپس ايندا،
اهڙي طرح ئي وري هن ئي مهيني جي 21 جولاء تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سنڌ جي عظيم استاد سرواڻ محترم ڀائو جي ايم ابڙو جي اڳواڻي ۾ ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايوان صدر آڏو سنڌ جا سرڪاري ملازم احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن ۽ انهيءَ لاءِ اسلام آباد جي احتجاجي ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ بسن، ڪوچز ۽ ٽرينن ذريعي پنهنجي استاد برادري کي 21 جولاء جي ايوان صدر اسلام آباد آڏو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تياريون زور و شور سان جاري ڪيون ويون آهن . آخر ڪار سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو اهي اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ تيار ٿيا آهن ، ضرور سنڌ جي ملازمن جي پنهنجي صوبي سنڌ جي وزير اعلي سنڌ مراد علي شاهه نه ٻڌي ۽ ويتر لٺيون وسائي، آنسو گيس جا شيل لڳائي ۽ واٽر ڪينن جو ڪنو پاڻي وسائي حالت غير بڻائي ڇڏي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي سرڪاري ملازمن الائي ڪنهن جي صلاح تي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو آهي احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ جو، انهن کي سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي شايد خبر ناهي ته اسلام آباد وارا پنهنجن کي سهندا برداشت ڪندا آهن ۽ انهن جي ٻڌندا به آهن. هي هليا آهن پراڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جي عوامي آواز کي ڀليڪار چوڻ واري ڪوڪ تي پر اسلام آباد جا جيڏا وڏا ويڪرا روڊ رستا آهن اوترا ئي اتان جي حڪمرانن جا دماغ ذهن ننڍا ۽ ڪنجوس بڻيل آهن. ڪو دور هيو ته هتان جا دماغ سنڌ جي آواز کي ٻڌو ويندو هيو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور اقتدار هيو. هاڻي شل ڪا جهرڪي.... ڏين ته من ڪم بڻجي پوي باقي نه ته پنهنجي سنڌ جا سرڪاري ملازم اسلام آباد احتجاجي ڌرڻي بجاءِ هفتو کن مڙيئي ٿڌين هوائون جي ڪوهه مري، ناران ڪاغان، سوات وغيره سير سفر ڪري نوان سوان ٿي ايندا. ها هڪ ڳالھ آھي ته جيئن سياست جو کلاڙي مڙس ماڻهو صدر آصف علي زرداري ٿي سنڌ جي هزارين سرڪاري ملازمن جي خرچ ڀاڙن ۽ انهن سنڌ وارن جي پنڌ کي ڏسي ڪري ڪجهه ٻيو نه تڏهن به چاليهه سيڪڙو وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جيان پگهارون وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت وزير اعلي سنڌ مراد علي شاهه کي چئي ڇڏي ته سنڌ جي سرڪاري ملازمن جون پگهارون چاليهه سيڪڙو وڌايون وڃن ٿيون ته سنڌ حڪومت تي ڪو بار نه پوندو ۽ سرڪاري ملازمن جي ڳالھ به رهجي ويندي نه ته هيءَ مهانگائي جو طوفان سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ڪراچي احتجاج بعد اسلام آباد ۽ گڏوگڏ ئي مرحليوار ڪوهه مري، ايبت آباد، مانسهره، بالا ڪوٽ، سوات، ناران ڪاغان، اسڪردو، هنزه ۽ ٻين هرهڪ صوبي جي هيڊ ڪوارٽرن ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئٽه تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو پر سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي تحريڪ پنهنجي مطالبن جي مڃتا تائين جيئن جو تيئن جاري رهندي. آواز اسان جي کي ديوار ڇا روڪيندي.!
0 تبصرے