عمرڪوٽ ۾ فقير جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري

چوٿين مئچ ۾ ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب ۽ مرشد ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ مقابلو ٿيو

عمرڪوٽ ۾ فقير جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ فقير جادم منڱريو جي ياد ۾ جاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شاندار مقابلا ھلندڙ آھن گذريل ڏينھن ٿيل چوٿين مئچ ۾ ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب ۽ مرشد ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جتي مرشد ڪلب ٽاس کٽي ميان جان محمد ڪلب کي بيٽنگ جي دعوت ڏني علي محمد 61 رنسن سان 10 اورن ۾ 173 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جڏھن ته ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي مرشد اليون 140 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويئي مين آف دي ميچ ايوارڊ علي محمد ڪيريو کي ساجن منگريو طرفان ڏنو ويو