English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ فائر سيفٽي ۽ تحفظ بابت آگاهي سيشن، راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان طور شريڪ
views
|
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي/ عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) راجوير سنگھ سوڍو اسپيشل اسسٽنٽ وڏو وزير سنڌ براءِ انساني حقوق، وفاق ايوان صنعت و تجارت پاڪستان (FPCCI) جي سينٽرل اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ ويمن ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ ۽ جسٽس هيلپ لائين انٽرنيشنل جي سهڪار سان منعقده فائر سيفٽي ۽ تحفظ بابت آگاهي سيشن ۽ تربيت پروگرام ۾ خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي، هي تقريب FPCCI جي آفيس ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد عوام، خاص ڪري عورتن، کي باهه جي حادثن کان بچاءَ بابت شعور ڏيڻ ۽ حفاظتي طريقا سيکارڻ هو، تقريب ۾ مختلف شعبن جا ماهر ۽ پروفيشنلز شريڪ ٿيا جن ۾ ڊاڪٽر محمد عمران تاج ماسٽر ٽرينر ۽ صدر، فائر انڊسٽري پاڪستان، ايڊووڪيٽ نديم شيخ، اهم مهمان ۽ صدر، جسٽس هيلپ لائين انٽرنيشنل، ۽ لطافت محمود ڊپٽي جنرل مئنيجر، پي آءِ اي شامل هئا، راجوير سنگھ سوڍو پنهنجي خطاب دوران انساني حياتي جي تحفظ لاءِ فائر سيفٽي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙا آگاهي پروگرام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪن ٿا، جيڪي زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا، هن FPCCI ۽ جسٽس هيلپ لائين انٽرنيشنل جي هن سٺي قدم کي ساراهيو، تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
فائر سيفٽي
راجوير سنگھ سوڍو
FPCCI
0 تبصرے