جمعہ، 27 نومبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ بھ جي يو آءِ جي سڏ تي مولانا فضل الرحمان جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

سنڌي خبرون 27th Nov 2026 3 مناظر
شڪارپور ۾ بھ جي يو آءِ جي سڏ تي مولانا فضل الرحمان جي گرفتاري خلاف ڌرڻو
شڪارپور(احسان ابڙو) جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي سڏ تي پوري ملڪ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ به ضلعي امير مولانا عبد اللہ مهر ۽ سيڪريٽري جنرل مولانا محمد طيب ميکو جيھو جي اڳواڻي ۾جمعي نماز کان پوءِ اقصي مسجد کان لکيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا لکيدر چوڪ تي جلسي جو ڏيک ڏيڻ لڳي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين جي يو آئي جي قيد اڳواڻن ۽ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڪشمور ۽ گهوٽڪي کان سنڌ پنجاب بارڊر تي ڌرڻو ھڻي بند ڪيو ويندو، احتجاجي مظاهري ۾ ضلعي عهديدارن ۽تعلقن جي عهديدارن سميت پوري ضلعي مان هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ