جمعہ، 27 نومبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ٻئي ڏينهن به جي يو آء ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا

سنڌي خبرون 27th Nov 2026 3 مناظر
نوشهروفيروز ۾ ٻئي ڏينهن به جي يو آء ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ٻئي ڏينهن به جي يو آء جي ڪارڪنن پاران مسجد الفاروق کان الله واري چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي جنهن جي اڳواڻي ضلعي امير مولانا عبدالرحمان ڏنگراج ، قاري عبدالحق راجپوت ، محمد اڪرم پيرزادو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي اڳواڻن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي قائدين کي گرفتار ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي اسان مڪمل طور تي پنهنجي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهيون سندن حڪمن موجب ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ريلي ڪڍي وئي آهي هنن چيو ته ملڪ اندر هڪ طرف مهانگائي، بدامني ۽ لاقانونیت آهي ٻئي قانون جي پاسداري ڪندڙ اسان جي جمعيت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي بنا ڪنهن جواز جي گرفتار ڪرايو پيو جيڪا ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جي يو آء جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڦورن آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ