جمعہ، 27 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ مولانا فضل الرحمان جي نظربندي ۽ جي يو آءِ اڳواڻن جي گرفتارين خلاف احتجاجي ريلي

سنڌي خبرون 27th Nov 2026 3 مناظر
عمرڪوٽ ۾ مولانا فضل الرحمان جي نظربندي ۽ جي يو آءِ اڳواڻن جي گرفتارين خلاف احتجاجي ريلي

وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) ضلعي عمرڪوٽ پاران قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان جي نظربندي، پارٽي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ مبينا انتقامي ڪاررواين خلاف ذڪريا مسجد کان عمرڪوٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي مولانا نور احمد قرآني، مولانا يعقوب نعماني، مولانا حماد الله سميجو ۽ مولانا سليم ڪنڀر سميت ٻين اڳواڻن چيو ته جڏهن به حڪومتي اتحاد تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته مدد لاءِ مولانا فضل الرحمان وٽ پهچي ويندو آهي، پر اڄ ساڳئي قيادت کي نظربند ڪري پارٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ سراسر ناانصافي ۽ انتقامي ڪارروائي آهي، جنهن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته موجوده وفاقي حڪومت فارم 47 جي پيداوار ۽ ڪٺ پتلي حڪومت آهي، جيڪا مولانا فضل الرحمان کي نظربند ڪري سندس آواز دٻائڻ ۽ سچ ڳالهائڻ کان روڪڻ چاهي ٿي، پر اهڙن قدمن سان جمعيت علماءِ اسلام جي جدوجهد کي روڪي نٿو سگهجي، هنن چيو ته گذريل ڏينهن ملڪ جون اهم شاهراهون ڪلاڪن تائين بند رهيون، جڏهن ته مرڪز جي حڪم تي ڌرڻا عارضي طور ختم ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان جي نظربندي ختم نه ڪئي وئي ۽ گرفتار ڪيل اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته ٻيهر ڌرڻا هنيا ويندا، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان عدم اعتماد جي تحريڪ دوران به ملڪ لاءِ رحمت ثابت ٿيو هو ۽ اڄ به ملڪ، جمهوريت ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ سندس ڪردار انتهائي اهم آهي، هنن وفاقي حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ ۽ سياسي انتقامي ڪارروايون بند ڪري گرفتار اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ