جمعہ، 27 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ جي يو آءِ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، مولانا فصل الرحمان جي گرفتاري جي مذمت

سنڌي خبرون 27th Nov 2026 3 مناظر
سجاول ۾ جي يو آءِ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، مولانا فصل الرحمان جي گرفتاري جي مذمت
سجاول (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراھ مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي غيرقانوني نظربندي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جبري گرفتاري ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف سجاول ۾ جي يو آئي پاران جامع مسجد چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ وٽ سجاول-ڪراچي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران مظاهرين پاران مولانا فضل الرحمان جي حقن ۾، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ جبري گمشدگي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. جڏھن تہ سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن بہ سازش کي قبول نہ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي جي يو آئي سنڌ جي نائب امير مولانا صالح الحداد، حافظ فضل الله فياض، مولوي غلام حسين ميمڻ م، مولوي محمد حسن قاسمي ۽ مولوي اشرف ميمڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ مولانا فضل الرحمان جي جي نظربندي ۽ ڪردار ڪشي ڪرڻ ۽ جي يو آئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جا عمل ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ آهن. هنن چيو تہ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف اهڙن قدمن سان سياسي ماحول کي خراب ڪيو پيو وڃي، جڏهن تہ ڪارڪنن کي جبري طور گم ڪرڻ جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ سنڌ هزارين سالن جي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ جاگرافيائي سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي آهي، جنهن جي وحدت تي ڪو بہ سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪنهن بہ سازش يا ڪوشش کي برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ اهڙن قدمن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. هنن چيو تہ سنڌ جي وحدت ۽ سالميت خلاف ٿيندڙ هر ڪوشش سنڌ جي عوام جي حقن ۽ سڃاڻپ تي وار آهي، جنهن کي ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ گرفتار ۽ جبري طور گم ٿيل جي يو آئي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، سياسي اڳواڻن جي ڪردار ڪشي بند ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن جو خاتمو آندو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ