عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ جي ڊي اي اتحادي پارٽين ۽ سنڌو بچايو تحريڪ طرفان جلسو، ھزارين ماڻھن جي شرڪت، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا زوردار نعرا خبر موجب عمرڪوٽ ۾ جي ڊي اي، اتحادي پارٽين ۽ سنڌو بچايو تحريڪ طرفان شھر جي مک جناح پارڪ ڀرسان جلسو ڪندي عوامي طاقت جو مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر جي ڊي اي اڳواڻ پير صدرالدين شاه راشدي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزيرن سيد مظفر حسين شاھ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، جي ڊي اڳواڻ صفدر عباسي، پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ، فقير خضر حيات منگريو جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جي اين اي 213 جي اميدوار لالچند مالھي، دوست محمد ميمڻ، فقير محب منڱريو سميت سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جا مرڪزي اگواڻ توڙي مقامي اگواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پير صدر الدين شاه راشدي چيو ته اسان جي گڏ بيھڻ سان سنڌ جي مستقبل جي ڳالھ آھي پاڻي هوندو ته سنڌ جون زمينون هونديون سنڌ ۾ پاڻي جي نه پھچڻ سان نه صرف ٻھراڙي پر شھرن ۾ به نقصان ٿيندا فارم 47 تحت آيل حڪمرانن سان تباهي ٿي اسان کي اقتدار جي ضرورت ناهي ھن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ٺھندڙ ڪئنالن کان اڳ اهو ته سوچيو سنڌ کي جيئڻ جو حق آھي جلسي دوران پي ٽي آء جي ايم اين اي مخدوم زين قرشي فون تي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه بچايو ڪاميٽي پاران نامزد اميدوار لعل مالھي جئين ته توهان کي خبر آهي ضمني اليڪشن ھڪ ريفريڊم ثابت ھوندو اسان جو تعلق سنڌ سان پراڻو رشتو آهي عمرڪوٽ جي عوام ھميشہ ساٿ ڏنو مخدوم شاهه محمود قريشي چوندو هو ته آئون ھڪ وڻ پوکي وڃان ٿو جيڪو لعل مالھي جي شڪل ۾ انشاء الله 17 تاريخ ڪامياب حاصل ڪندو سنڌو درياهه تي جيڪي 6 ڪئنال نڪرن ٿا جنهن پي ٽي آئي سخت مخالف آهي پ پ سنڌ سان سچي آهي ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کپي سنڌ جي پاڻي جي مسئلي سي سي آئي جو اجلاس سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو سرڪاري ريٽ نه ڏنو سنڌ حڪومت ھارين تي ظلم ڪري رھي آھي اسان کي اليڪشن ڏينهن توهان کي پنهنجي فارم وصول ڪرڻو آهي جي ڊي اي سنڌ جي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته عوام طرفان اڄ فيصلو ٿي ويو ته ٺپو صرف مور تي آھي پ پ وارن سنڌ کي کپائي ڇڏيو آھي، سندس خلاف عوام نڪري چڪو آھي ۽ شروعات عمرڪوٽ مان ٿي چڪو آھي پير پاڳارو اسان عزت ڏني آھي سان ان سان گڏ بيٺل آھيون لال مالهي جي جيت يقيني آھي، عمران خان، شاھ محمود قريشي کي فوري آزاد ڪيو وڃي اسان سنڌو کي بچائڻ لاءَ ھر قسم جي قرباني ڏينداسين اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاھ چيو ته جڏهن به سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي ته پاڳارو خاندان سر تي ڪفن ٻڌي سنڌ خاطر تحريڪ هلائي سنڌ بچائي هي چوٽياري ڊيم، مکي فرش لنڪ ڪئنال، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، اکين جي اسپتال ۽ تمام وڏيون اسڪيمون ۽ گهرن تائين زمينن تائين پاڻي اسان پهچايو ھن چيو ته نوان ڪئنال ٺاهيو پيا ان جو پاڻي ڪٿان آڻيندا نين رٿائن لاء پاڻي آهي ئي ڪونه چار يونٽ آهن تڪراري منصوبو چئني صوبن جي اتفاق راء کانسواء نٿو ٺاهي سگهجي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي سنڌ ميٽنگ نٿي گهرائي سگهي، ته اڳتي ڇا ڪندا ھن چيو ته سنڌ جو هر شخص هر شعبي مان اٿي چڪو آهي. هي پاڻي جو نه وجود جو مسئلو آهي ڏٻن مان نڪرندڙ ووٽ ٻڌائيندا ته اوهان سنڌ ۽ سنڌو سان ڪيترا سچا آهيو هي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته لال مالهي خوشقسمت اميدوار آھي جنھن سان سنڌ جون سموريون جماعتون ۽ عوام متفق ٿي گڏ بيٺل آھي، جن لال جي حيثيت پئي پڇي انھن کي اهو ڳالھ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آھي ۽ سنڌ جي عوام لال سان گڏ آھي، اسان سڀ گڏجي لال کي سپورٽ ڪريون پيا، لال جي پي ٽي آئي جي اميدوارن کي سندس انتخابي نشان نٿا ملن لال جو نشان ٿر جو قومي نشان آھي پيپلز پارٽي وارا ڌاندلي تي هريل آھن ۽ ڀٽي جي نالي تي کٽيو کاڌو آھي ۽ عوام تان ڀٽي جو قرض لهي ئي نٿو. ان قرض کي ليڪ ڏياريو ته هاڻ آزاد ٿيو منھنجي دور ۾ سنڌ جي ضلعن کي ٺاھڻ تي پيپلز پارٽي وارن اعتراض ڪيو ۽ سياست ڪئي چيو ويو ته مون حيدرآباد کپايو پر حيدرآباد ته اڄ به موجود آھي هنن هميشه جي عوام مفادن جي خلاف ڪم ڪيو آھي مون پنھنجي دور ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا پر هن وقت هنن ڀينگ ڪري ڇڏي آھي ڪالاباغ ڊيم تي سياست ڪئي ۽ مونتي الزام لڳايا مون ڪالاباغ ڊيم تي اسٽينڊ ورتو جيڪو سنڌ جي مفاد جي خلاف هو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ ڪئنال خطرناڪ آھي ان سان اسان جو پاڻي چوري ٿيندو ڊائريڪٽ درياھ مان پاڻي چوري ڪيو ويندو 90 ۾ پاڻي ورهاست تي دانهون ڪيون ويون پر اهو سنڌ جي مفاد جي ڳالھ هئي اسان ڪڏھن به سنڌ جو سودو ناھي ڪيو هي اليڪشن سنڌ جو ٽيسٽ ڪيس آھي جنھن جو وارو عمرڪوٽ جو آھي سنڌ جو پٽڪو عمرڪوٽ جي هٿ ۾ آھي اپوزيشن عمرڪوٽ جي سپورٽ آھي ووٽ امانت آھي امانت لال مالهي جي آھي درياھ وڪرو ڪندڙ لاءَ ووٽ چوري ڪرڻ به سولي ڳالھ آھي انڪري عوام کي ووٽ جي حفاظت ڪرڻي پوندي پنجاب جي عوام پنھنجي ووٽ جي حفاظت ڪئي ڊي آر اوز ۽ آر او داندلي ڪن ٿا، انڪري عوام سجاڳ ٿئي پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته اسين سنڌ جي عوام جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين هن چڪر ڌانڌلي نه ڪري سگهندا جعلي ٺپا لڳائيندا پادر کائيندا ھن چيو ته هنن اسان جي صحت تي ڌاڙو هنيو آهي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو اسان جي تعليم تي ڌاڙو هنيو ۽ هاڻي اسان جي پاڻي تي ڌاڙو ٿا هڻن عوام اڄ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آھي ته سنڌو تي ڌاڙو ھڻندڙن کي شڪست نصيب ٿيندي جلسي کي خطاب ڪندي دوست محمد ميمڻ چيو ته عمرڪوٽ جي عوام اڄ ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته 17 تاريخ تي جي ڊي اي ۽ اتحادي پارٽين جي اميدوار لال مالھي کي ڪاميابي ملندي ھن چيو ته اڳ ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ھئي ھاڻي ته پوري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آھي ۽ عوام کي گذراش آھي ته 17 اپريل تي لال مالھي کي ڪامياب ڪندا ۽ ڪئنال مخالفن کي شڪست ڏيندا جڏھن ته جلسي کي وڪيل ڪي بي لغاري، فقير خضر حيات منڱريو سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو جلسي ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جق زوردار نعرا ھنيا ويا
0 تبصرے