ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي

پوليو جي خاتمي لاءِ ايندڙ مهم 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين شروع ٿي رهي آهي: ڊي سي

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي

شڪارپور (احسان ابڙو) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي پوليو جي خاتمي لاءِ ايندڙ مهم 8 آگسٽ 2026 کان 18 آگسٽ 2026 تائين شروع ٿي رهي آهي، جنهن دوران 4 مهينن کان 10 سالن جي عمر جي تمام ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز ۽ اورل پوليو ويڪسين جا قطرا پيارا ويندا. شڪيل احمد ابڙو ڊي سي شڪارپور تفصيل موجب گذريل ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ ايندڙ مهم 8 آگسٽ 2026 کان 18 آگسٽ 2026 تائين شروع ٿي رهي آهي، جنهن دوران 4 مهينن کان 10 سالن جي عمر جي تمام ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز ۽ اورل پوليو ويڪسين جا قطرا پيارا ويندا. ڊي سي شڪارپور چيو ته هي پوليو ضلعي جي اڪويهن يوسين ۾ پياريو ويندو. جيڪي هن ريت آهن ڳڙهي ياسين ۾ 4، خانپور ۾ 8، لکي غلام شاهه ۾ 5 ۽ شڪارپور جي 4 چار يوسيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هي پوليو مهم اڳي کان ڪجهه مختلف طريقي سان آهي هن پوليو مهم لاءِ اسان کي اسڪولن ۾ يا هيلٿ سينٽرن ۾ يا ڳوٺن ۾ ڪجهه ڪيمپون هڻي ڳوٺن ۾ سوشل ورڪرن کان انهن کي انهن سينٽرن تي وٺي پوليو ويڪسين سان گڏ 2 ڦڙا به پياريا ويندا جيڪي تمام ٻار لاءِ طاقتور ثابت ٿيندا. هن چيو ته هي پوليو مهم ٻارن جي تمام گهڻن بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين آهي. هيءَ ويڪسين 4 مهينن کان وٺي 10 سالن جي ٻارن کي ڪئي ويندي. هن ٻارڙن جي والدين کي آگاهه ڪندي چيو ته ٻارڙن کي گندي پاڻيءَ جي ويجهو نه ڇڏيو يا ٻهراڙين ۾ کڏن جي پاڻي پيئڻ کان روڪيو اهو پاڻ تقريبن ڊرينيج جو پاڻي آهي جنهن جي ڪري ٻارڙن کي مختلف بيمارين سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. ڊي سي شڪارپور چيو ته ضلعي جي اڪويهن يوسين ۾ جيڪي به اسڪول سرڪاري يا پرائيويٽ آهن انهن ٻارن جي حاضريءَ کي يقيني بڻايو ته جيئن اهي ٻار جيڪي 10 کان گهٽ عمر جا آهن انهن کي ويڪسين ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ضلعي جو عوام ميڊيا جي ٿرو آگاهي ڏئي ته ٻارڙن کي هن موذي مرض کان بچاءُ جي لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ ڦڙا ٻارن کي ضرور پيارين ته جيئن ڪوئي به ٻار ڪمزور نه ٿئي ۽ سڄي عمر جي بيماريءَ کان بچي سگهي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هن پوليو بوسٽر مهم کي سڀ گڏجي ڪامياب ۽ 100 فيصد ڪامياب بڻائينداسين ۽ اسان سڀني جي اها ڪوشش رهندي ته 10 سالن کان گهٽ عمر واري هر ٻار کي پوليو بوسٽر ڊوز ضرور لڳرايو ۽ پوليو کان بچاءُ جا 2 ڦڙا ضرور پياريون ان موقعي تي مظهر ڄامڙو تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان هيءَ پوليو بوسٽر مهم 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ 2026 تائين جاري رکنداسين ۽ 21 يوسين ۾ اسانجون ٽيمون مقرر ٿيل آهن ۽ هاءِ رسڪ يوسيون اهي آهن جيڪي ٻاهران کان باڊر تي آهن انهن کي وڌ کان وڌ ڪنٽرول ڪري ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز لڳرائي سگهون ۽ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا به پياريون. هن چيو ته پوليو بوسٽر ڊوز 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي جيٽ انجيڪٽر سان لڳايو ويندو جنهن سان سور به نه ٿيندو. هن چيو ته اسڪول انتظاميه سڀني ٻارن جي ويڪسينيشن کي بڻايو، اسڪول ۾ 10 سالن تائين جي عمر جي سڀني ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز لڳائي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا ويندا. گڏجاڻيءَ ۾ اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر پرويز احمد سومروـ ڊي سي اين پي ڊاڪٽر فيضان واجد ـ سي سي او مظھر ڄامڙو ـ ڊي ايف پي ـ اي پي آء ڊاڪٽر اطھر حسين شاھ ـ ممتاز علي ڊي ڊي ايل جي ـ ڊاڪٽر اويس احمد ايم او ايڇ ڪيو ـ ريجنل مانيٽرنگ آفيسر محسن جمال مري، مس حميرا سومرو سرسو فوڪل پرسن ـ سجاد علي اي اي او پرائمري ـ شفيق احمد پٺاڻ تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر، رياض شاهد سومرو تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر شڪارپور، عبدالشڪور سومرو ڊي ڊي اي او شڪارپور ـ مختيارڪار ڪاظم علي، اين جي اوز جي اعليٰ عملدارن، سوشل سوسائٽي جي ماڻهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.