English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر تي مبينا چڙهائي، نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
8 views
|
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جمعي جي صبح گھگھر چوڪي انچارج اسد گوپانگ پوليس اهلڪار ظريف ڄامڙو ۽ ٻين گھرن تي ڪاھ ڪئي: سجاد سولنگي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ مبينا طور پوليس اهلڪارن ۽ اڻڄاتل ماڻهن پاران هڪ گهر تي چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن کي زبردستي کڻي وڃڻ واري واقعي خلاف متاثر خاندان جي نوجوان سجاد علي سولنگي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي اعليٰ اختيارين کان انصاف، شفاف جاچ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پريس ڪانفرنس دوران سجاد علي سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته جمعي جي صبح سوير لڳ ڀڳ ساڍي چار وڳي مبينا طور گھگھر چوڪي انچارج اسد گوپانگ پوليس اهلڪار ظريف ڄامڙو، ٻن وردي پهريل پوليس اهلڪارن ۽ چئن سادن ڪپڙن ۾ موجود اڻڄاتل ماڻهن سان گڏ سندن گهر تي چڙهائي ڪئي سندس الزام هو ته اهلڪار بنا ڪنهن عدالتي وارنٽ يا قانوني نوٽيس جي گهر ۾ داخل ٿيا گهر جي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو گهرڀاتين سان بدتميزي ڪئي ۽ مبينا طور رشوت جو مطالبو ڪيو سندس چوڻ موجب جڏهن گهرڀاتين رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته کيس ۽ سندس ڀاءُ سعيد احمد سولنگي کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ چوڪي ڀرسان هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. هن دعويٰ ڪئي ته تشدد دوران سندس هٿ جي آڱر به ڀڄي پئي. سجاد علي موجب، جڏهن گهرڀاتي چوڪي تي پهچي احتجاج ۽ شور شرابو ڪيو ته کيس آزاد ڪيو ويو، پر سندس ڀاءُ سعيد احمد سولنگي کي اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي ۽ سندس ڪا به ڄاڻ نه پئي ملي، جنهن سبب خاندان سخت پريشاني ۽ خوف ۾ مبتلا آهي سجاد علي سولنگي وڌيڪ چيو ته مختلف هنڌن تي ڳولا ڪرڻ باوجود سعيد احمد سولنگي نه اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي مليو ۽ نه ئي علائقي جي ڪنهن ٻي پوليس چوڪي تي، جنهن ڪري سندس حياتي بابت سخت خدشا پيدا ٿي ويا آهن. هن چيو ته ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ڪراچي ۽ ايس ايس پي ملير کي تحريري درخواستون پڻ اماڻيون ويون آهن هن مطالبو ڪيو ته سعيد احمد سولنگي کي فوري طور باحفاظت بازياب ڪيو وڃي، واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، متاثر خاندان کي جاني ۽ مالي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن سعيد احمد سولنگي ڪنهن قانوني ڪيس ۾ گهربل آهي ته کيس قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پر سندس گمشدگي ختم ڪري وارثن کي سندس باري ۾ فوري آگاهي ڏني وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر تي مبينا چڙهائي، نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي صدارت ھيٺ اجلاس
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سيٺارجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر ت
0 تبصرے