عمرڪوٽ ۾ 15اپريل تي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو: صفدر عباسي/لال مالهي

عمرڪوٽ ۾ پ پ مخالفن پاران 15 اپريل جي پاور شو جون تياريون جاري

عمرڪوٽ ۾ 15اپريل تي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو: صفدر عباسي/لال مالهي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان تحريڪ انصاف، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ ان جي اتحادي جماعتن پاران 15 اپريل تي عمرڪوٽ جي ماروي گرائونڊ ۾ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنهن پاور شو جي تيارين ۾ تيزي اچي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اڄ هڪ اهم ميڊيا ٽاڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جي ڊي اي جي سينيئر اڳواڻ خضر حيات منگريو، پي ٽي آءِ ميرپورخاص جي اڳواڻ آفتاب قريشي ۽ اين اي 213 مان گڏيل جماعتن جي اميدوار لال مالهي شرڪت ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا باشعور عوام تبديلي چاهين ٿا ۽ شفاف، غيرجانبدار چونڊون وقت جي اهم ضرورت آهن، لال مالهي دعويٰ ڪيو ته حلقو اين اي 213 ۾ عوام انهن سان گڏ آهن ۽ هو انشاءَ الله وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته جمهوريت جي بقاءَ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن رياستي مشينري چونڊن جي عمل ۾ مداخلت نه ڪري، آفتاب قريشي ۽ خضر حيات منگريو زور ڏنو ته جي ڊي اي ۽ ان جا اتحادي سنڌ جي عوام جا حقيقي نمائندا آهن، جن کي ڪنڊَ ۾ لڳائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، ان موقعي تي سنڌوءَ بچايو تحريڪ جي اڳواڻن به خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ سياسي اتحاد هاڻي لازمي ٿي ويو آهي، ميڊيا ٽاڪ ۾ مختلف برادرين جا معزز شخصيتون ۽ وڏي انگ ۾ نوجوان شريڪ ٿيا، جنهن سبب ماروي گرائونڊ چونڊ مهم جو مرڪز بڻجي ويو آهي.