سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال قبول ناهن: عدنان الطاف انڙ

پ پ سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف وفاق آڏو سخت موقف اختيار ڪيو آهي

سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال قبول ناهن: عدنان الطاف انڙ

ڏوڪري (رپورٽر) پيپلزپارٽي ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ڪنهن به صورت م سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال اڏڻ نه ڏيندي اهڙي ڳالھ هن ڏوڪري ۾ مختلف برداري جي ماڻهن سان سندن پيارن جي وڇوڙي تي تعزيتن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌو درياھ جي مٿان ٺهندڙ تڪراري ڪئنال خلاف وفاق اڳيان سخت موقف اختيار ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري واسين جي لاءِ نياڻين کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ گرلس ڊگري ڪاليج منظور ڪرائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري شهر ۾ سي سي ٽي ڪئمرامينون، ٽراما سينيٽر، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، اسپتال کي اپ گريڊ ڪرائڻ سميت ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پي ايس 13 جي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري رهيا آهيون ان موقعي تي ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، اڳوڻي ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، يوسي چيئرمين مظفر خان چانڊيو، حبيب ﷲ کوکر، محراب خاصخيلي، آغا ميهر جلباڻي، علي اصغر ميمڻ، معشوق مل اوڏ، امداد ڪولاچي، ڪاشف خاصخيلي، گلشير مل اوڏ، وحيد رمضان جوڻيجو ۽ ٻيا گڏ هئا.