عمان ۾ سنڌي ڪميونٽي پاران بين الاقوامي افطار گيٽ ٽوگيدر جو شاندار اهتمام

عمان ۾ سنڌي ڪميونٽي پاران بين الاقوامي افطار گيٽ ٽوگيدر جو شاندار اهتمام

عمان ۾ سنڌي ڪميونٽي پاران بين الاقوامي افطار گيٽ ٽوگيدر جو شاندار اهتمام مسقط – عمان ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي پاران پاڪ مهيني رمضان المبارڪ جي بابرڪت موقعي تي راوي ريسٽورنٽ ۾ هڪ شاندار افطار گيٽ ٽوگيدر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف قومن، مذهبن ۽ زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي مهمان خاص پاڪستان جي عمان لاءِ سفير محترم سيد نويد صفدر بخاري هئا، جڏهن ته سيد محمد بن سالم آل سعيد ۽ شيخ سيد فياض علي شاهه اعزازي مهمان طور موجود هئا. تقريب جي مرڪزي آرگنائيزر محمد عثمان لکڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو: > "رمضان المبارڪ جو مهينو اسان کي محبت، ڀائيچاري، همدردي، سهپ ۽ اتحاد جو پيغام ڏئي ٿو. اسان جو مقصد آهي ته اهڙن گڏجاڻين ذريعي مختلف قومن ۽ برادرين وچ ۾ پيار، عزت ۽ برداشت جو جذبو عام ڪجي. اهو سلسلو اسان ڪيترن ئي سالن کان ڪاميابي سان جاري رکيو آهي، ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اهو ڀلائيءَ جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهي." هن تقريب جي انتظامي ٽيم ۾ ڊاڪٽر احمد نواز حقرو، ڊاڪٽر دليپ ڪمار، چودھري شڪور، فيصل صغير، ايڊووڪيٽ علي اشفاق منگج، فرحان جيلاني، بابر باجوا، شيخ عارف، ۽ يوسف مهر شامل هئا. شرڪت ڪندڙن پاران سنڌي ڪميونٽي عمان جي اهڙي شاندار ۽ مثبت قدم جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ چٽو پيغام ڏنو ويو ته رمضان جهڙا پاڪ موقعا محبت، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو آهن.