غزہ، جيڪو فلسطين جو هڪ اهم حصو آهي، تازن سالن ۾ سخت تباهيءَ جو شڪار رهيو آهي، خاص طور تي 2023ع ۾ شروع ٿيل اسرائيل، حماس جنگ کان پوءِ.هن جنگ ۾ 48,000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ غزہ جي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ملڪيت تباهه ٿي وئي.هن تباهيءَ کان پوءِ، عرب ملڪن غزہ جي نئين سر تعمير لاءِ هڪ وڏو منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن جو مقصد غزہ کي بحيرا روم جو دبئي بڻائڻ آهي. هي منصوبو 53 ارب ڊالر جي لاڳت سان عمل ۾ آندو پيو وڃي ۽ ان جو بنيادي مقصد فلسطينين کي سندن زمين تي رهڻ جو حق ڏيڻ آهي، بغير ڪنهن مستقل لڏپلاڻ ۽ ضرورت جي.
هن منصوبي کي "غزہ 2030" منصوبو سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي هڪ 91 صفحن جي دستاويزات مصري صدارتي لوگو سان شايع ٿي آهي. هيءُ پلان ٽن مرحلن ۾ ورهايل آهي، پهريون مرحلو فوري امداد ۽ استحڪام لاءِ آهي، جيڪو 6 مهينن تائين هلندو، جنهن ۾ غير فعال جڳهين کي ڊاهڻ،50 ملين ٽن ملبي کي صاف ڪرڻ ۽ عارضي رهائشي يونٽ قائم ڪرڻ شامل آهي. ٻيو مرحلو تعمير نو ۽ بحاليءَ جو آهي، جيڪو 6 مهينن کان 2 سالن تائين هلندو، جنهن ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ تعميراتي ڪم ٿيندا.ٽيون ۽ آخري مرحلو ترقي ۽ خوشحاليءَ جو آهي، جيڪو 2 کان 5 سالن تائين جاري رهندو، جنهن ۾ گهٽيون، پارڪ ۽ پنڌ هلڻ لائق رهائشي ۽ شهري علائقا، قابل تجديد توانائي، زرعي زمينن جي بحالي، صنعتي زون ۽ وڏا پارڪ ٺاهيا ويندا.
هن منصوبي جي ڪل لاڳت 53 ارب ڊالر آهي، ۽ ان ۾ سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات ۽ ٻين عرب ملڪن کان ممڪن طور تي 20 ارب ڊالرن جي وڏي رقم جي شراڪت جي ڳالهه ٿي رهي آهي. تعميراتي عمل دوران، لڳ ڀڳ 200,000 فلسطينين کي غزہ جي اندر محفوظ علائقن ۾ عارضي طور منتقل ڪيو ويندو،پر هي لڏپلاڻ مستقل نه هوندي. ان لاءِ هزارين عارضي رهائشي يونٽ ٺاهيا ويندا، جيڪي غزہ جي 2 ملين آباديءَ لاءِ ڪافي هوندا.منصوبي ۾ حماس کي مستقبل جي حڪومت مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا فلسطيني اٿارٽيءَ جي هيٺان ڪم ڪندي ۽ غزہ جي عبوري حڪومت سنڀاليندي. مصر ۽ اردن فلسطيني پوليس فورسز کي تربيت ڏيڻ ۾ مدد ڪندا،جن مان 1,400 آفيسر جنگ دوران مارجي ويا هئا، ۽ هاڻي انهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.هن منصوبي جو وڏو مقصد غزہ کي هڪ جديد ۽ ترقي يافته شهر بڻائڻ آهي، جيڪو بحيري روم جي ڪناري تي دبئيءَ جيان چمڪي.ان لاءِ سستا، سٺا ۽ رهڻ لائق رهائشي ۽ شهري علائقا، قابل تجديد توانائيءَ جا ذريعا، زرعي زمينن جي بحالي، صنعتي زون ۽ وڏا پارڪ ٺاهڻ جو پلان آهي. ان سان گڏ، ملبي کي ري سائيڪل ڪري بحيرا روم جي ڪناري تي نئين زمين ٺاهڻ جي تجويز پڻ آهي، جيڪا غزہ جي جغرافيائي حدن کي وڌائي سگهي ٿي.
پر هي منصوبو ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسرائيل حماس جي موجودگيءَ بابت تحفظات رکي ٿو ۽ حماس جي فوجي ۽ انتظامي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو.فلسطيني اٿارٽي ۽ حماس جي وچ ۾ خراب لاڳاپا پڻ هن منصوبي جي ڪاميابيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا.ان کان علاوه، عرب ملڪن ۽ بين الاقوامي برادريءَ جي مالي ۽ سياسي مدد هن جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي، جيڪا اڃا تائين پڪي نه آهي.
نتيجي ۾، هي منصوبو غزہ کي بحيري روم جو دبئي بڻائڻ جي هڪ وڏي ۽ جامع ڪوشش آهي، جيڪو فلسطينين کي سندن زمين تي رهڻ جو حق ۽ هڪ جديد شهر ۾ زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيندو.پر ان جي ڪاميابي اسرائيل، حماس ۽ بين الاقوامي برادريءَ جي تعاون تي ٻڌل آهي، جيڪو اڃا تائين هڪ وڏو چئلينج آهي.جيڪڏهن هي پلان ڪامياب ٿي ويو ته غزہ فلسطينين لاءِ اميد جي هڪ نئين روشني بڻجي سگهي ٿو.
0 تبصرے