ھمايون شريف ڀرسان معرفاڻي-ڀيا تڪرار ٻيھر ڀرڪي اٿيو، نوجوان معصوم ڌيءَ سميت قتل، عورت زخمي

ھمايون شريف ڀرسان معرفاڻي-ڀيا تڪرار ٻيھر ڀرڪي اٿيو، نوجوان معصوم ڌيءَ سميت قتل، عورت زخمي

ھمايون شريف ڀرسان معرفاڻي ۽ ڀيا تڪرار ھڪ دفعو ٻيھر ڀرڪي اٿيو معصوم نينگري پئ سميت گوليون ھڻي قتل ھڪ عورت سخت زخمي. ڳوٺ درويش ڪاڪيپوٽو ۾ ڀيا برادري جي ھٿياربندن گوليون ھڻي معرفاڻي برادري جي چوئي شاخ واسي نوجوان 30 ورھين جو محمد يوسف پٽ الھيار معرفاڻي ۽ سندس جي 7 سالن جي معصوم ڌيء کي قتل ڪري ڇڏيو. گوليون لڳڻ سبب ھاتم زال الھيار معرفاڻي سخت زخمي ٿي پئي زخمي ۽ قتل ٿيلن جا لاش اسپتال منقل ڪيا ويا، معرفاڻي برادري جو چوڻ هو ته اسان جو نوجوان موٽرسائيڪل تي شڪارپور ٻارن جي دئوالاء وڃي رھيو ھو رستي ۾ ڀيا برادري جي ھٿياربندن گيولون ھڻي جوان کي ڌيء سميت قتل ڪري ڇڏيو ۽ مقتول جي امڙ کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا ـ سلطان ڪوٽ پوليس موجب اھڙي واقعي جا اطلاع مليا آهن واقعي واري جاء تي پوليس راواني ڪئي وئي آهي ڪرن ۽ سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ملندڙ آهي ـ