اماراتي سنڌيز سوشل فورم پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي “سنڌي اباڻي ٻولي” جي تقريب

سنڌ جي مشهور گلوڪارن شمن ميرالي، ضامن علي، ۽ انينا فدا پنهنجي خوبصورت ۽ لڀائيندڙ آوازن سان حاضرين کي جهومائي ڇڏيو

اماراتي سنڌيز سوشل فورم پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي “سنڌي اباڻي ٻولي” جي تقريب

دبئي (پ ر)اماراتي سنڌيز سوشل فورم پاران دبئي يو اي اي ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن اود ميٿا ۾عالمي مادري ٻولين جي ڏهاڙي جي موقعي تي دبئي ۾ “سنڌي اباڻي ٻولي”جي عنوان تحت پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ناليوارن، اديبن، ۽ موسيقيءَ جي ليجنڊ فنڪارن سنڌي ٻوليءَ جي ثقافتي ورثي کي هٿي وٺرائي. تقريب جي خاص مهمان طور تي ديدي آشا چاند شرڪت ڪئي. جڏهن ته پاڪستان جي صوبي سنڌ مان آيل مهمان حميد ابڙو ٻوليءَ جي اهميت، ان جي تحفظ تي جامع ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ تقرير ڪئي. تقريب ۾ ذوالفقار هاليپوٽو،ديدي بنيتا ناگپال ۽ جواد احمد صديقي ۽ ٻين پاران پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ڪيئن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ نوڪري سان گڏو گڏ ڪامياب ڪاروبار ڪجي، ان کان سواءِ مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي اھميت سميت سنڌي ادب توڙي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا ۽ ان جي بقاءَ بابت پنهنجا خيال ونڊيا. پروگرام جي شروعات ۾ تازو وڇڙي ويل ادب ۽ تعليم جي ٽن عظيم شخصيتن ڊاڪٽر پرويز پيرزادو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ، ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته اهي ٽيئي شخصيتون هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون. تقريب کي موسيقيءَ جي رنگ سان سينگاريندي، سنڌ جي مشهور گلوڪارن شمن علي ميرالي، ضامن علي، ۽ انينا فدا پنهنجي خوبصورت ۽ لڀائيندڙ آوازن سان حاضرين کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي خاص طور تي يورپ کان شرڪت ڪندر مانواري شخصيت شفيق شاهاني صاحب ۽ بدين، سنڌ، پاڪستان مان سائين حاجي نور محمد ڀٽي صاحب ۽ عرفان علي ٿيٻو پڻ شرڪت ڪئي، انهن شخصيتن جي موجودگي تقريب کي وڌيڪ چار چنڊ لڳايا. تقريب ۾ سهڪاري طور تي اماراتي سنڌيز سوشل فورم جي سٿ ۾يو اي اي سنڌيز،سنڌ فرينڊز فورم، سنڌ دوست سٿ، سنڌي ايسوسي ايشن آف يو اي اي، سنڌي سنگت انٽرنيشنل، دبئي جي بلوچ آرگنائيزيشن جي عهديدارن سميت ادا فهد شيخ، ادا فهد عباسي، ادا اسحاق سومرو، اداسعيد چانڊيو شرڪت ڪئي ۽ جهمريون هڻي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو. ان موقعي تي سنڌي اباڻي ٻوليءَ جي تقريب سنڌي ثقافت جي زنده جاويد روح جي علامت بڻيل، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي وچ ۾ يڪجهتيءَ جو احساس پيدا ڪيو. منتظمين تقريب جي ڪاميابيءَ تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي مستقبل ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو وچن ڪيو.تقريب جو اهتمام ڪندڙ اماراتي سنڌيز جي ٽيم جي چيف آرگنائيزر: جاويد علي سيال، ڊپٽي چيف آرگنائيزر: وهاب مهر، جنرل سيڪريٽري: نياز حسين کوسو، ڪنوينر: عامر علي چانڊيو، ڊپٽي ڪنوينر، اختيار علي بروھي، فنانس سيڪريٽري: اعظم مراد راڄڙ، صدر دوبئي ريجن، خالد حسين جاگراڻي، صدر شارجا ريجن، اسلم لغاري، پروگرام آرگنائيزر، وقار علي چانديو، پروگرام آرگنائيزر، ثواب علي ڪوري، پروگرام آرگنائيزر، عبدالطيف راڄڙ، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فهيم سولنگي جي ڪوششن کي شرڪت ڪندڙن پڻ ساراهيو.