English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ناميارو اديب، ليکڪ ۽ سينئر صحافي پروفيسر بيدار جعفري ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
44 views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين پاران پروفيسر بيدار جعفري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ناميارو اديب ليکڪ ۽ صحافي پروفيسر بيدار جعفري دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ اديبن، شاعرن، صحافين ،سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين جي شرڪت، تعليم ۽ صحافت جي شعبي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، توانائي جي وزير ناصر شاهه پاران ڏک جو اظهار تفصيل موجب ناميارو اديب ليکڪ ۽ صحافي پروفيسر ديدار علي المعروف بيدار جعفري دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ملير جي علائقي پپري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن سميت سندس چاهيندڙن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروفيسر بيدار جعفري جي وڇوڙي تي توانائي جي وزير ناصر شاهه ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو نفيس ۽ بهترين طبيعت جو مالڪ هو، سندس وڇوڙي سان تعليم ۽ صحافت جي شعبي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجڻ انتهائي ڏکيو آهي، سندس علمي ادبي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، بيدار جعفري متعلق سيد شبير شاهه جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نالي وانگر بيدار شخص ۽ بي پناهه خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، بيدار هڪ شفيق استاد ۽ سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي زبان تي دسترس رکندڙ بهترين ليکڪ هو ۽ هن جو هڪڙو تاريخي ڪتاب "باڊهه بوند بهار" پڻ ڇپيل آهي، پروفيسر بيدار جعفري جو مڙهه سپر هاءِ وي لڳ واديءِ قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پروفيسر بيدار جعفري
ليکڪ ۽ سينئر صحافي
پروفيسر ديدار علي المعروف بيدار جعفري
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
0 تبصرے