پروگرام ۾ مختلف رنگا رنگ سرگرمين سميت ميوزڪ جو شاندار انتظام ڪيو ويو
سنڌي ڪميونٽي عمان پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مڊل ايسٽ ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو شاندار جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. تقريب ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ثقافت کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو ويو.
پروگرام ۾ مختلف رنگا رنگ سرگرمين سميت ميوزڪ جو شاندار انتظام ڪيو ويو. سنڌ مان خاص طور تي آيل مشهور ڳائڪه شمن ميرالي ۽ شهلا گل پنهنجي سُريلي آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو ۽ شرڪت ڪندڙن کان زبردست داد حاصل ڪيو. پروگرام ۾ ناليواري ڪمپيئر سجاد سهاڳ ميزباني جا فرض سرانجام ڏنا ۽ مشهور ڪاميڊين اصغر کوسو پنهنجي مزاحيه فن سان ماڻهن کي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو.
پروگرام جي خاص مهمان (چيف گيسٽ) رڌينا بن آمر الحاجري ۽ گيسٽ آف آنر شيخ سيد فياض علي شاهه هئا، جڏهن ته ڪراچي ۾ عمان جو ڪائونسلر سمي الخنجري پڻ گيسٽ آف آنر طور شرڪت ڪئي.
ان تقريب کي عمان ۾ هڪ وڏو ڪلچرل ايونٽ سمجهيو ويو جنهن ۾ ڊنر جو پڻ خاص انتظام هو، جنهن کي شرڪت ڪندڙ خاندانن تمام گهڻو انجواءِ ڪيو.
پروگرام جي آرگنائيزرز ۾ محمد عثمان لکڻ، ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي، ايڊووڪيٽ علي اشفاق منگي، ڊاڪٽر شرف عطا الله شاهه، انجنيئر برڪت شيخ، ڊاڪٽر نرنجن لال، آصم صديقي، ڊاڪٽر فياض عمراڻي، ڊاڪٽر ديوي داس، مسٽر آصف جتوئي ۽ مسٽر عمران سومرو سميت ٻيا ڪيترائي سماجي اڳواڻ شامل هئا.
تقريب رات جو 11 وڳي تائين جاري رهي ۽ شرڪت ڪندڙن هن شاندار ثقافتي ڏهاڙي کي تمام گهڻو ساراهيو.
0 تبصرے