English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
درياھ،ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
63 views
|
02nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو
حيدرآباد (بيورو) سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ پنهنجي درياھ،ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.سنڌ جو عوام ڏوهن، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، ڪو بہ معاشرو رواداري ۽ برداشت کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي شاھ لطيف، سچل جو فڪر ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏئي ٿو.اسان کي سنڌي سان گڏ، پنجابي، پشتو، اردو، بلوچي، ھندڪو ۽ سرائڪي ٻوليون بہ اسان کي عزيز آھن. سنڌ سميت سڄي ڏکڻ ايشيا امن، فن ۽ محبت جي ڌرتي آهي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏي ٿي. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان مان ھرھڪ اھا قومي ذميداري کڻي تہ ھو ھر سال ڪن بہ ٽن کان پنجن قابل، محنتي، ايماندار ۽ ضرورتمند نوجوانن جي ڀرپور مدد ڪري، انھن کي تعليم ۽ روزگار لاءِ پرڏيھ گھرائي انھن جي حال ۽ مستقبل کي بھتر بڻائڻ جو ذميدارانه ڪردار ادا ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان پرڏيھ ۾ رھندڙ انھن ماڻھن کان بھتر آھيو، جيڪي پاڻ ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان چڱي شعبي يا بھتر ملڪ ۾ پھچي، پوءِ پنھنجي ڪروڙين محروم ۽ مظلوم وطن واسين کان لاتعلق ٿي، ذاتي ترقيءَ، فيملي اسٽيٽس، لئي ۽ مزن جي ڊوڙ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. ذاتي زندگي، خانداني ترقي ۽ انفرادي مزن کي بلڪل وقت ڏجي، پر ان سان گڏ پنھنجي صلاحيتن، وقت، واسطن، ڄاڻ ۽ تجربن جو ويھ کان ٽيھ سيڪڙو حصو پنھنجي قومي بقا، پنھنجي وطن، وسيلن، عوام ۽ انسانيت جي تحفظ، امن، انصاف، برابري ۽ ترقيءَ لاءِ بہ استعمال ڪجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت پاڻ سنڌ واسي، پنھنجن پاڙيسري ملڪن ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ماڻھن جي ڀيٽ ۾ پرڏيھ ۾ پنج سيڪڙو بہ ناھيون. اوھان فارين ۾ رھندڙ نوجوانن جي ڪمٽمينٽ ۽ سنجيدگي کي نظر ۾ رکندي، آئون اوھان سڀني کي صلاح ڏيندس تہ مختلف انڊر گريجوئيٽ، گريجوئيٽ، سيمسٽر ايڪسچينج، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊاڪٽريٽ ۽ ٻين تعليمي ڊگرين، ويزائن جي طريقي ڪار، اسڪالرشپس، اميگريشن ۽ روزگار جي موقعن بابت، ننڍيون ٽن کان اٺن منٽن جون ويڊيوز ٺاھي، اھي اوھان پنھنجن اباڻن ضلعن ۽ آس پاس جي سمورن تعلقن ۽ ڳوٺن جي ھر شاگرد تائين پھچايو ۽ يوٽيوب تي رکو، اخبارن، رسالن، ولاگز، بلاگز ۽ فيسبڪ ذريعي ننڍڙا معلوماتي آرٽيڪلز لکو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھر سال باقائدگيءَ سان سنڌ اچو ۽ ھڪ ٻہ ھفتا پنھنجي اباڻي شھر يا ڳوٺ ۾ رھو، ان دوران سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ معلوماتي ليڪچر ڏيو، لائبريرين، اڪيڊميز، اسڪولن ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيو ۽ ڄاڻ پکيڙيو. جي ممڪن ٿي سگھي تہ پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ڪمپيوٽر سينٽر، اڪيڊمي يا لائيبريري قائم ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
سنڌ فرينڊس فورم
دبئي
0 تبصرے