ڪشمور واسي پورهيت جو ٻارڙن سميت بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

ذوالفقار علي چاچڙ وارن سان اسان جو ڏيتي ليتي جو مسئلو هلندڙ آهي : قربان علي چنا

ڪشمور واسي پورهيت جو ٻارڙن سميت بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪشمور(دلبر جاني)ڪشمور جو رهواسي قربان علي چنہ ٻارن سميت قرضائين کان تنگ ٿي ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب ڪشمور پهچي ويو، ڪشمور جو رهواسي قربان علي چنہ قرضائين کان تنگ ٿي ڪري ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب ڪشمور پهچي داهيندي چيو ته ذوالفقار علي چاچڙ وارن سان اسان جو ڏيتي ليتي جو مسئلو هلندڙ آهي جنهن جو فيصلو به ٿي چڪو آهي پر ذوالفقار چاچڙ پئسن جي قسط کان اڳ مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي مونکي ناجائز تنگ ڪري رهيو آهي اصل ۾ ان سان ڪو به واقعو ٿيو آهي ته ان ۾ ان جي ڀائيوار سليم چنہ جو پٽ ضامن جا نمبر ٽريس ٿيا جنهن ۾ هو پڪڙجي پيو ان بعد ان مونکي ڦاسائڻ لاءِ سليم چنہ جي پٽ ضامن کان ڪوڙا بيان ڏياري مون مٿان ايف آئي آر داخل ڪرائي مونکي ٻڌرائي ڇڏيو ڪورٽ سڳوري مان ضامن ٿيڻ بعد جڏهن به حاضري تي يا گهر کان ٻاهر نڪرون ٿا اسان کي ذوالفقار چاچڙ جو ڀاءُ 15 پوليس اهلڪار شوڪت چاچڙ پڪڙي 15 آفيس ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاري پوئي ٿاڻي حوالي ڪري ٿو جيڪا جيب ۾ پئسا هجن ٿا سا به ڪڍي ٿو وٺي آءُ انتهائي غريب آهيان مون سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪري ڪوڙي ڪيس جي انقوائري ڪئي وڃي ۽ مون کي تحفظ سان گڏ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت مونکي جيڪو ڪجهه به ٿيو انجا ذميوار ذوالفقار چاچڙ ۽ سندس ڀائر هوندا مان چيف جسٽس آف پاڪستان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪيان ٿو مون سان انصاف ڪيو وڃي