English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاقي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، ان ۾ عوام لاءِ ڪجھ به ناھي: اياز لطيف پليجو
79 views
|
12th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ سجاول ضلعي ۾ سنڌ دشمن رٿائن ۽ پاڻي کوٽ خلاف مارچ ڪيو ويندو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي (اڄ) شام 4 وڳي ميرپور بٺورو شھر ۾ ڪئنالن جي خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ، سجاول ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ سجاول ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ اڇي موري کان پيادل شارٽ مارچ ڪري مين بس اسٽاپ ميرپور بٺورو وٽ جلسي عام ڪيو ويندو ، 16 جون تي بدين شھر ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جلسي عام ڪيو ويندو. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي چيو آھي تہ بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجھ بہ ناھي، وفاقي حڪومت مھنگائي تي ضابطو نہ آندو آھي. پگھارن ۽ پينشنز ۾ ملازمن کي مايوس ڪيو ويو آھي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 50 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام مٿان ناجائز ٽئڪس جو بار وڌو ويو آھي. حڪمران طبقي ۽ بيوروڪريسي کي بادشاھي مراعتون ڏنيو ويون آھن..آئي ايم ايف جي چوڻ تي عوام دشمن بجيٽ تيار ڪئي وئي آھي. تعليم ۽ صحت کي نظرانداز ڪرڻ عوام دشمني آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي ھلائڻ ڪري اسان جون پاليسيون آزاد، خودمختيار ۽ عوام دوست ناھن. عالمي مالياتي ادارا پنھنجن مفادن واريون پاليسيون جوڙين ٿا ۽ پاڪستان کي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلائي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن ايوانن ۾ قانون سازي ٿيڻ گھرجي، ملڪ ۽ عوام جي بهتريءَ جا فيصلا ٿيڻ گھرجن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي، معاشي ۽ تعليمي ترقي لاء منصوبابندي ٿيڻ گھرجي، اتي عوام جا چونڊيل نمائندا صرف پنھنجون مراعتون وڌائن ٿا. ڪرپشن جي تحفظ ڏين ٿا. پوائنٽ اسڪورنگ ڪن ٿا. انھن جي روين ۾ ڪا سنجيدگي ۽ عوام دوستي ناھي. ماڻھن سوال ڪري رھيا آھن تہ اسان جي قسمت جو فيصلو ھي ڪندا، جن کي وڌندڙ غربت، مھانگائي، بک، بيروزگاري، بدامني ۽ بدحالي تي ڳالھائڻ لاءِ وقت ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن۔ جيڪي شھر موجود آھن، سنڌ حڪومت کي انھن جي ترقي جو ڪو فڪر ناھي۔ ساحلي پٽي ۾ لکين آبادي بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھي. پاڻي کوٽ جي ڪري آباد زمينون بنجر ٿي رھيون آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے