ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ايڪسپريس وي شاهراهه ڀٽو تي رات دير سان ڦر جي مبينا ڪوشش شهري جي حاضر دماغي ۽ مزاحمت سبب ناڪام بڻجي وئي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته غفلت جي الزام هيٺ ملير سٽي ٿاڻي جو هيڊ محرر ارشاد تنولي کي معطل ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ڦورون رستي تي رڪاوٽون رکي هڪ شهري کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهري پنهنجي لائسنس واري پسٽل سان مزاحمت ڪندي کين فرار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو خوش قسمتي سان شهري محفوظ رهيو ايس پي ملير سٽي منصور بوزدار ايس ايڇ اوز ۽ ضلعي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي وئي جڏهن ته هيڊ محرر ارشاد تنولي جي دير سان اچڻ وردي نه پائڻ ۽ لاپرواهي سبب مٿس سخت نوٽيس وٺندي معطلي جا حڪم جاري ڪيا ويا پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ارشاد تنولي ماضي ۾ به ملير سٽي جي حدن ۾ ڏوهارين سان رابطن، جوا، سٽو، منشيات جي سرپرستي ۽ ٻين الزامن جي زيراثر رهيو آهي جنهن تي علائقي واسي به ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن ايس ايس پي ملير، ڪاشف آفتاب عباسي جو چوڻ آهي ته پوليس فورس ۾ نظم و ضبط قائم رکڻ لاءِ لاپرواهي ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا
0 تبصرے