سنڌ زرعي يونيورسٽي لاءِ اهم اعزاز، نيشنل ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل طرفان يونيورسٽي جي 9 شعبن کي بهترين قرار ڏنو ويو، ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ جاري

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر مجاهد حسين لغاري، ڊاڪٽر امتياز نظاماڻي، ڊاڪٽر عمران کتري، ڊاڪٽر شاھنواز مري ۽ ٻين ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ وصول ڪيا.

سنڌ زرعي يونيورسٽي لاءِ اهم اعزاز، نيشنل ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل طرفان يونيورسٽي جي 9 شعبن کي بهترين قرار ڏنو ويو، ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ جاري

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام، تدريسي شعبن جي درجابندي ۾ هڪ اهم اعزاز حاصل ڪيو آهي، نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل اسلام آباد طرفان يونيورسٽي جي 9 شعبن کي اعليٰ ڪارڪردگي ۽ جديديت جي اعتراف طور ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو آهي، خبر موجب ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جي ٽيم، ڪائونسل جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فياض الحسن سهي جي اڳواڻي ۾ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پراڊڪشن، ڪراپ پروٽيڪشن ۽ سوشل سائنسز فڪلٽين جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو، ڪيل ڇنڊڇاڻ دوران انهن شعبن جي تعليمي ۽ تحقيقي ڪارڪردگي کي ساراهيندي، ايڪريڊيٽيشن جي قابل قرار ڏنو، اھڙن شعبن ۾ ايگريڪلچرل اڪنامڪس، ايگريڪلچرل ايڪسٽينشن، بائيو ٽيڪنالاجي، ڪراپ فزيالاجي، اينٽومولوجي، ھارٽيڪلچر، پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس، پلانٽ پيٿالاجي ۽ پلانٽ پروٽيڪشن شامل آهن، ترقي جون منزلون طئي ڪندڙ انهن مان ٻه شعبا “ڊبليو” ڪيٽيگري ۾ ۽ باقي ست شعبا “ايڪس” ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيا ويا آهن، شعبن جي بھتر درجا بندي جو اعزاز ڪيتري عرصي بعد يونيورسٽي کي ڏنو ويو آھي، ان حوالي سان وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن سڀني شعبن جي سربراهن جي ڪوششن کي ساراهيندي، اھڙن شعبن کي وڌيڪ بهتر ۽ جديد بڻائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته شاگردن کي جديد تدريسي ۽ تحقيقي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ يونيورسٽي جا سڀئي شعبا ھيڪ جي اعليٰ درجابندي جو حصو بڻجي سگھن، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڪوالٽي انھانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر رياست علي ڪٻر جي خدمتن کي پڻ ساراهيو، ٻئي طرف اجلاس ۾ موجود شعبن جي سربراهن هن ڪاميابي کي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي ذاتي دلچسپي جو نتيجو قرار ڏنو ۽ چيو ته وائيس چانسلر جي تعاون سان شعبن ۾ ترقي ٿي، جنهن ڪري هي ڪاميابي ممڪن ٿي آهي. جڏهن ته شعبن جي استاد جي محنتن کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جن جي ڪوششن سان هي ڪاميابي حاصل ٿي، تقريب دوران ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر مجاهد حسين لغاري، ڊاڪٽر امتياز نظاماڻي، ڊاڪٽر عمران کتري، ڊاڪٽر شاھنواز مري، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، ڊاڪٽر شهلا بلوچ، ڊاڪٽر محرم قمبراڻي، ڊاڪٽر حبيب مگسي ۽ ڊاڪٽر مھرالنساء ناريجو پنهنجي شعبن جا ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ وائيس چانسلر کان وصول ڪيا.