سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم هوپو جي سھڪار سان “غذائي کوٽ جي اهميت ۽ اِن جي پورائو” بابت ورڪشاپ

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم هوپو جي سھڪار سان “غذائي کوٽ جي اهميت ۽ اِن جي پورائو” بابت ورڪشاپ

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم هوپو جي سھڪار سان “غذائي کوٽ جي اهميت ۽ اِن جي پورائو” بابت ورڪشاپ

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ ۽ ڪينڊا جي انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم هوپو جي سھڪار سان “غذائي کوٽ جي اهميت ۽ اِن جي پورائو” بابت ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ماھرن جو چوڻ آھي تہ سنڌ ۾ ھر سال بارشن، ٻوڏن يا سوڪھڙي سبب عام ماڻھو شديد مشڪلن کي منھن ڏئي ٿو، خاص طور تي اھڙي صورتحال دوران غريب ماڻهن کي خوراڪ جي کوٽ ۽ غذائيت کاڌو ميسر نہ ھجڻ جا مسئلا درپيش اچن ٿا، فيڪلٽي آف ڪرپ پروٽيڪشن جي ڊين ڊاڪٽر منظور علي ابڙي چيو تہ سنڌ ۾ معاشي مسئلن ۽ وسيلن جي اڻپورائي جي ڪري جي ڪري، ھن وقت بہ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻار، عورتون، غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، خاص طور ننڍا ٻار ۽ ڳورھاري عورتون غذائيٽ جي اڻپورائي جو شڪار آھن، ھن چيو تہ ھوپو پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سان معاھدي ٿيڻ کان پوءِ ٿوري وقت ۾ تمام وڏا سماجي ڀلائي جا پروگرام منعقد ڪيا آھن، سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران پروگرام مئنيجر ڊاڪٽر عبدالوحيد سولنگي چيو ته هوپو شاگردن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، ٻارن جي پڙهائي جو خرچ ۽ ٻين مسئلن تي مدد ڪري ٿي، جيڪو سٺو قدم آھي، ھن ٻڌايو تہ تازوئي يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي انيتا لاشاريءَ کي ذاتي ڪاروبار جي طور تي غذائي کوٽ واري پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ هارين جي صلاحيتن کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ، ماڻهن کي خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرام شامل آهن، ھن چيو تہ شروعاتي مرحلي ۾ ٽنڊوڄام، محراب پور، راڻي پور جي پسگردائيءَ مان ٻهراڙي جي علائقن مان غذائي کوٽ جي شڪار ڪيترن خاندانن جي ذهني ۽ جسماني طور تي ڪمزور فردن کي هفتيوار گوشت جو پاڪيٽ، مورنگا مان ٺھيل پراٺو ماني ۽ انڊا کي پھچايا پيا وڃن، ڊاڪٽر ممتاز علي سهتو چيو تہ سوھانجھڙو ٻوٽو غذائيت سان مالامال آهي ان ۾ موجود جزن جا صحت تي هاڪاري اثرپون ٿا، مورنگا جي ٻوٽي کي هوپو جي طرفان ان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ سُٺو قدم آهي، ان مان تيار ٿيل پراٺو ماني غذائي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ انتهائي سُٺو ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڊاڪٽر جمال الدين حاجاڻو، ڊاڪٽر مهرالنساءِ رئيس، ڊاڪٽر نازيه رئيس سميت وڏي انگ ۾ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.