سعودي عرب جي شھر جدي ۾ سنڌ واسي وائيس قونصليٽ رميز علي ملڪ جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد

سعودي عرب جي شھر جدي ۾ سنڌ واسي وائيس قونصليٽ رميز علي ملڪ جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد

سعودي عرب جي شھر جدي ۾ سنڌ واسي وائيس قونصليٽ رميز علي ملڪ جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد

سعودي عرب (م ڊ) سعودي عرب شھر جده م سنڌ سان تعلق رکندڙ وائيس قونصليٽر رميز علي ملڪ جي مان م الوداعي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو رميز علي ملڪ ساڍھا ٽي سال جي مدي م قونصليٽ جده م خدمت سر انجام ڏني ٽائيم پيرڊ پورو ٿيڻ کان کين واپس ڏيھ وڃي رھيو ھيو مختلف جڳھن تي تقريب رکيو ويون ھيون ڪاؤنسليٽ جده طرفان تمام وڏي پيماني کين خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويو ھڪ مقامي ھوٽل تي سوشل سماجي صحافي دوستن پڻ کين تقريب رکي وئي تقريب م آيل مھمانن ملڪ رميز علي جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي مھمانن م سينئر صحافي نجم علي کھاوڙ. شاھزيب سومرو. انجنيئر مجاھد مغيري.انجنيئر سجاد ابڙو . وسيم کھاوڙ. ممتاز بروھي. سينئر صحافي جاويد راھو ء ڪافي دوستن شرڪت ڪئي سينئر صحافي نجم علي کھاوڙ چيو سعودي عرب جدہ م ڪافي سنڌي آفيسرس آيا پنھنجي وس آھر ڪم ڪندا رھيا پر ملڪ رميز پھريون وائيس ڪاؤنصليٽر ھيو جنھن ھر ممڪنہ ھر پاڪستاني جا مسئلا حل ڪيا سعودي عرب م ڪافي پاڪستاني ڪميونٽي جا مسائل ھيا جيڪي ڪافي عرصي کان حل نه پيا ٿين ليڪن رميز ملڪ جي اچڻ سان ڪافي بھتري آئي ڪافي جيلن مان آزاد ڪرائي ڊي پورٽ ڪري وطن واپس ڪرايا ء پاڻ جيلن جو دورو ڪندو ھيو اتان جي قيد م پيل قيدين سان ملاقات ڪري کين مسئلا حل ڪرايا ملڪ رميز سوا لک پاڪستاني عوام جا مسئلا ڪري کين وطن واپس موڪليا شايد ڪنھن بہ تاريخ م اھڙو ڪم سرانجام نه ڏنو ھوندو انھن م عورتون به شامل ھيون جيڪي ڪافي سالن کان دربدر ھيون آھي رميز پاڻ سعودي جي آفيسرن سان ملي ڪري آھي به حل ڪرايا اھڙا ڪافي مثال ھيا ملڪ رميز علي پنھنجي محنت ء جفاڪشي سان سڃاتو ويندو آھي بغير ڪنھن فرق جي قوم جي خدمت جو اعزاز ماڻيو اٿس اسانکي فخر آھي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ پنھنجي ملڪ پاڪستان ء پنھنجي قوم ء خاندان جو نالو روشن ڪيو اٿس آخر م رميز علي ملڪ سڀني آيل دوستن جا ٿورا مڃيا سمورن دوستن کين سنڌي اجرڪ ء ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا رميز ملڪ چيو ته مون ھميشہ بغير ڪنھن فرق جي فرض سمجھي خدمت جو موقعو مليو اھو پنھنجي ايمانداري ء محنت سان بھترين ٽيم جوڙي مسائل حل ڪرايا سعودي عرب ء پاڪستان جي دوستي صدين کان محبت ء ڀائيچاري واري رھي آھي فرق نه رکندا آھن ھڪ برادر ملڪ سان گڏ محبتون ڏيندڙ دوستي آھي سعودي عرب م ساڍھا ٽي سال ڊيوٽي سرانجام ڏنم انھي م اسانجي ڪاؤنسليٽ جده ء سعودي گورنمينٽ جي محنت شامل ھئي سو انھن جي گڏيل تعاون سان پاڻ پنھنجي ملڪ ء قوم جي خدمت کي عبادت سمجھي فرض ادا ڪيو ھاڻي به ڪنھن بہ ملڪ م يا پنھنجي وطن واپس ويندي به ڪا به زمينداري ملي اھا فرض سمجھي ادا ڪندس .