شڪارپور ۾ اميدوارن جي ورڪ تيز، ڪامريڊ احسان جيھو پاران مختلف ڳوٺن جا دورا

شڪارپور ۾ اميدوارن جي ورڪ تيز، ڪامريڊ احسان جيھو پاران مختلف ڳوٺن جا دورا

شڪارپور ۾ اميدوارن جي ورڪ تيز، ڪامريڊ احسان جيھو پاران مختلف ڳوٺن جا دورا

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ اميدوارن پنهنجي ورڪ تيز ڪري ڇڏي شڪارپور ، ڳڙھي ياسين ، لکي غلام شاه جي تڪ اين اي 193 تي ايم اين اي جو آزاد اميدوار سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيهو پنهنجي ورڪ تيز ڪري ڇڏي ڳڙھي ياسين جي جيها ابڙا برادري جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ صادق جيهو ۽ ٻين جي چڱن مڙسن عجيب خان جيهو ، غلام ياسين جيهو ، وڏيرو اي ڪي جيهو ۽ ٻين پاران اين اي 193 تي آزاد اميدوار طور ايم اين اي جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي احسان جيهو سان بيحد خوشي جو اظھار ڪندي چيو ته اسان ڏهاڪن کان اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مهر کي ڳوٺ جي پولنگ کٽرائي تڪ جو نمائندو ته بڻائيندا رهيا آھيون پر بنيادي صحولتون زيرو آھن مختلف وقتن تي اليڪشنن ۾ ڪيل واعدا وفا ڪو نه ڪيا هنن وڌيڪ چيو ته هن دفعي اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش خان مهر پنهنجي پٽ شھريار مهر کي ايم اين اي بڻائڻ چاهي ٿو پر هن دفعي کين اسين ووٽ ڪو نه ڪنداسون چڱن مڙسن وڌيڪ چيو ته اوهان اسان جا پنهنجا به آھيو انهي لاء اين اي 193 تي هن ڀيري ووٽ ۽ سپورٽ اوهان جو هوندو انشاءالله 8 فيبروري تي پ پ اميدوار شھريار مهر کي پولنگ اسٽيشن تي ليڊ سان شڪست ڏئي اوهانجي چونڊ نشان مور تي ٺپا لڳائي ڪامياب ڪرائبو جتي اين اي 193 جي اميدوار احسان جيهو جيها برادري تعلقه ڳڙھي ياسين جي ماڻھن جا ٿورا مڃيندي ڳالهائيندي چيو ته 8 فيبروري عوامي ريفريڊم ۽ اڳوڻن نمائندن اميدوارن جو احتساب جو ڏينهن هوندو ۽ انشاءالله ڪامياب ٿي اوهان سميت تڪ جي ماڻھن جا بنيادي مسئلا حل ڪبا عوامي ترقي ، خوشحالي جا خواب ساڀيان ٿيندا هن وڌيڪ چيو ته ڏهاڪن کان مهر ڪماريو اتحاد جي پليٽ فارم جي نالي تي مسلسل تڪ جو ايم اين اي بڻجندڙ غوث بخش خان مهر شڪارپور ڳڙھي ياسين جي تڪ اين اي 193 ۽ عوام کي پنهنجي جاگير سمجهي قابض ته رهيو آ پر ماڻھن جا بنيادي مسئلا حل ڪو نه ڪيا صحولتن کان عوام کي محروم رکيو قبائلي تڪرارن کي هٿي ڏني اوهان کي اسڪول ويران ۽ روڊ رستا اکڙيل نظر ايندا ، بجلي نظام درهم برهم ، صحت مرڪز اڻلڀ هوندا ۽ هاڻي اڳوڻو ايم اين اي صاحب تير بجا تير تي پنهنجي فرزند شھريار مهر کي تڪ اين اي 193 تي ايم اين اي بڻائڻ جا خواب ڏسي رهيو آھي جيڪو خواب سندس جو پورو ٿيڻ ڪو نه ڏبو ۽ انشاءالله 8 فيبروري تي چونڊ نشان مور تي ٺپو لڳايو ويندو جتي اسانجي ڪاميابي قدم چمندي تڪ جو ايم اين اي بڻجي عوام کي صحولتون ڏياربيون کين بنيادي مسئلا حل ڪبا ۽ دردن جو درمان بڻباسين