ڏوڪري: پي ايس 13 تي عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جا نامزدگي فارم منظور

ڏوڪري: پي ايس 13 تي عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جا نامزدگي فارم منظور

ڏوڪري: پي ايس 13 تي عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جا نامزدگي فارم منظور

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ صوبائي تڪ پي ايس 13 تي اسڪروٽني بعد پي پي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسین انڙ جا نازمزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. ڏوڪريءَ جي ڪمشنر آفيس ۾ قائم آر او اڳيان پيش ٿيڻ بعد عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسین انڙ جا نازمزدگي فارم منظور ڪيا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عادل الطاف حسين انڙ چيو ته چونڊون هڪ جمهوري عمل آهي جنهن ۾ ڏوڪري تعلقي سميت سڄي ملڪ جو عوام ڀرپور حصو وٺي ۽ ملڪ جمهوريت علامت بڻيل پيپلزپارٽيءَ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري. هن چيو ته هميشه کان انڙ خاندان پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ سيٽ جي لالچ نه رکي آهي، ان ڪري کيس پورو يقين آهي ته سڄي تڪ جو عوام ساڻس گڏ آهي. عادل الطاف حسين انڙ وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ ۽ پارٽيءَ جي منشور تحت تڪ جي عوام جي خدمت جاري رکبي.