ڏوڪري ۾ پي ايس 13 لاءِ پ پ اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

ڏوڪري ۾ پي ايس 13 لاءِ پ پ اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

ڏوڪري ۾ پي ايس 13 لاءِ پ پ اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

ڏوڪري( اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ صوبائي تڪ پي ايس 13 جي اميدوار لاءِ اڳوڻي پي پي ايم پي اي سردار حزب الله ٻگهيو جي پٽ محمد علي ٻگهيو ۽ اڳوڻي پي پي ايم پي اي سردار عزيز احمد جتوئي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڏوڪريءَ جي ڪمشنر آفيس ۾ محمد علي ٻگهيو ۽ عزيز احمد جتوئي پنهنجي حامين سان گڏجي پي ايس 13 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو. ان موقعي تي محمد علي ٻگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽيءَ هميشه عوام جي سياست ڪئي آهي ان ڪري پيپلزپارٽيءَ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن جيڪي ڪير به نه توڙي سگهي. ٻئي طرف سردار عزيز احمد جتوئيءَ جو چوڻ هو ته هو هن کان اڳ به پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٽي ڀيرا ايم پي رهي چڪو آهي ان ڪري هن وقت به هو پارٽيءَ جو مظبوط اميدوار ثابت ٿي سگهي ٿو. ٻنهي اميدوارن کان الڳ الڳ ڪيل سوال جي جواب ۾ ٻنهي اميدوارن جو ساڳيو موقف هيو ته جيڪو پارٽي فيصلو ڪندي اهو کين قبول هوندو ۽ جنهن به اميدوار کي پارٽيءَ ٽڪيٽ ڏني ان سپورٽ ڪيو ويندو.