هالاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ رورل هيلٿ سينٽر ۾ آپريشر ٿيٽر يونٽ جو افتتاح

هالاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ رورل هيلٿ سينٽر ۾ آپريشر ٿيٽر يونٽ جو افتتاح

نوشهروفيروز (ڊ ر)هالاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ رورل هيلٿ سينٽر هالاڻي ۾ سي سيڪشن آپريشن ٿيٽر (OT) يونٽ جو باضابطه افتتاح سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد ابرار علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، سي او جاويد جاگيراڻي، ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ ڪرنل هدايت الله ميمڻ، آر ڊي باجوه ۽ صحت کاتي جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کي مرحليوار پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪري انهن کي اپ گريڊ ڪري رهي آهي، جنهن سان عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون وڌيڪ بهتر نموني فراهم ٿي سگهنديون. هن ايمبولينسن جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته حڪومت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مرحليوار ايمبولينسون فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي وقت سر طبي امداد ملي سگهي. تقريب جي پڄاڻي تي سي ايم ڊبليو ڊاڪٽر وڪيله ڪلهوڙو، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کي گلن جو گلدستو پيش ڪيو.