ڊي سي ٺٽو پاران اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر مڪلي جو دورو

سرمد علي ڀاڳت دوري دوران تدريسي عمل، سهولتن ۽ مختلف شعبن جو تفصيلي جائزو ورتو

ڊي سي ٺٽو پاران اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر مڪلي جو دورو

ٺٽو (شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر مڪلي جو دورو ڪيو، جتي هن تدريسي عمل، خاص ٻارن کي مهيا ڪيل سهولتن ۽ مختلف شعبن جو تفصيلي جائزو ورتو۔ دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ڪلاس رومز، فوڊ سينٽر، گيمنگ زون ۽ هٿ سان تيار ڪيل شين جي سيڪشن جو معائنو ڪيو۔ ان کان علاوه هن فري ڊينٽل چيڪ اپ ڪيمپ جو به جائزو ورتو ۽ اتي مهيا ڪيل طبي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔ ان موقعي تي هن ٻارن سان گڏ ويهي ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهن جي همت افزائي ڪئي ۽ سندن صلاحيتن کي ساراهيو۔ ڊپٽي ڪمشنر اداري جي عملي جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته خاص ٻارن جي تعليم ۽ تربيت هڪ اهم قومي ذميواري آهي ۽ اهي ٻار معاشري جو قيمتي سرمايو آهن۔ هن واضح ڪيو ته ضلعي انتظاميه خاص ٻارن کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بهبود ۾ ڪا به کوٽ نه اچڻ ڏني ويندي۔ وڌيڪ هن هدايت ڏني ته ٻارن لاءِ بهترين تعليمي ماحول، جديد سهولتون ۽ مثبت سرگرميون مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور نموني استعمال ڪري سگهن۔ ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاهه، سينيئر ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيام ڪمار، سينٽر جو پرنسپل ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا۔