ضلعو ٺٽو هن وقت مختلف سماجي ۽ معاشرتي مسئلن جو مرڪز بڻيل آهي: بلاول سمون
ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ضلعي جي مجموعي سماجي، معاشي ۽ تعليمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سماجي تنظيم “پارٽيسيپيٽري ايڊوانسمينٽ انيشيئيٽو ٿرو گراس روٽس ايڪشن اينڊ موبلائيزيشن (پيغام)” کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ گڏيل صلاح مشوري سان تنظيم جي ورڪنگ باڊي جوڙي وئي. نئين چونڊيل باڊي موجب بلاول سمون کي صدر، ميڊم زهره جاکرو کي نائب صدر (فيميل)، ممتاز علي سمون کي سينئر نائب صدر، عبيدالله جماري کي جنرل سيڪريٽري، ممتاز علي سميجو کي جوائنٽ سيڪريٽري، منظور پالاري کي ڊپٽي سيڪريٽري، محمد عمر سرائي کي خزانچي، مختيار جان چانڊيو کي پريس سيڪريٽري، ثناءُ الله سمون کي آفيس سيڪريٽري، مجتبيٰ بڪيرو کي رابطه سيڪريٽري ۽ مڪيش گواريا کي شعبي اقليتي امور جو نگران مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته تنظيم جي ڪنسلٽنٽ طور قاضي جي ايم رهنمائي ڪندو. ان موقعي تي تنظيم جي صدر بلاول سمون خطاب ڪندي چيو ته ضلعو ٺٽو هن وقت مختلف سماجي ۽ معاشرتي مسئلن جو مرڪز بڻيل آهي، جتي مائي، گٽڪي، چرس، هيروئن ۽ ٺري سميت ھر قسم جي منشيات جي وڪري ۽ واپرائڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نوجوانن لاءِ نه روزگار جا موقعا موجود آهن ۽ نه ئي ڪاروبار جون سهولتون، جڏهن ته ضلعي اندر وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته تنظيم “پيغام” جي پليٽفارم تان منشيات خلاف آگاهي مهم هلائڻ سان گڏ نوجوانن ۽ سماج جي ٻين طبقن ۾ ايڊووڪيسي ذريعي شعور پيدا ڪيو ويندو، ۽ ضلعي جي اهم مسئلن تي پڻ آواز اٿاريو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 2 مئي تي گٽڪي، مائي ۽ ٻين منشيات جي نقصانن بابت ٺٽي هڪ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويندو.
0 تبصرے