عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) نواز ليگ سان تعلق رکندڙ اقليتي ايم اين اي نيلم ڪماري ڏيپلو ۾ واقع ھنگڙا ھائوس تي منعقد ٿيل روشن راھي جي شادي تقريب ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي، تقريب دوران نيلم ڪماري مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ گھوٽ ۽ ڪنوار لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ماحول خوشگوار رهيو ۽ شادي تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ موهن لال موتي، ميش ڪمار، ڏيون ڪمار ۽ ساحل ڪمار سميت ڪيترائي معزز مهمان پڻ موجود هئا، مقامي حلقن موجب ايم اين اي نيلم ڪماري جي شرڪت کي سماجي ۽ سياسي سطح تي اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان مقامي ماڻهن سان رابطا وڌيڪَ مضبوط ٿيا آهن.
0 تبصرے