English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
79 views
|
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز (ڊ ر)قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي، 252 ڪارٽن نان ڪسٽم سگريٽ هٿ نوشھروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران 252 ڪارٽن نان ڪسٽم سگريٽ هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارروائي دوران مزدا گاڏي جي ڊرائيور راشد کي پڻ تحويل ۾ ورتو ويو۔ ڪسٽم آفيسر شاھنواز ڀاڻ موجب ڪارروائي بعد نان ڪسٽم سگريٽن سان ڀريل گاڏي ۽ هٿ ڪيل سامان کي ڪسٽم عملدارن پنهنجي تحويل ۾ وٺي سکر روانو ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي، پر قومي شاهراهه تي پوليس گاڏي کي روڪي ڇڏيو۔ ذريعن موجب گاڏي روڪڻ واري معاملي تي ايس ايڇ او منعم لاڙڪ ۽ ڪسٽم آفيسرن وچ ۾ تلخ ڪلامي ۽ نوڪ جھونڪ پڻ ٿي۔ ان دوران ايس ايڇ او منعم لاڙڪ موقف اختيار ڪيو ته گاڏي کي ٿاڻي منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪسٽم آفيسرن جو چوڻ هو ته نان ڪسٽم سگريٽن خلاف ڪارروائي ڪسٽم جي ذميواري آهي، پوليس جي نه۔ ڪسٽم آفيسر شاھنواز ڀاڻ اهو به الزام هنيو ته پوليس پاران منشيات يا سگريٽن بابت پڪڙيل ڪجهه معاملن ۾ جوابدارن کي ڇڏيو ويندو آهي، تنهن ڪري نان ڪسٽم سگريٽن واري گاڏي ڪسٽم جي تحويل ۾ رهڻ گهرجي۔ انکا پوء ۾ ذريعن موجب نامعلوم اعليٰ آفيسرن جي فون ڪالن بعد پوليس مذڪوره گاڏي ۽ هٿ ڪيل سگريٽ ڪسٽم عملدارن حوالي ڪري ڇڏيا، جنهن بعد ڪسٽم آفيسر گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سکر روانا ٿي ويا۔ واقعي بعد ڪسٽم ۽ پوليس جي اختيارن بابت سوال پڻ اٿڻ لڳا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي ۽ قانوني اڳڀرائي جو انتظار ڪيو پيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ا
0 تبصرے