English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وومين واريئرز فٽسل ليگ، دلچسپ مقابلا، ديا فٽبال اڪيڊمي ٽورنامينٽ کٽي ورتو
53 views
|
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
مستقبل ۾ به عورتن لاءِ وڌيڪ معياري ۽ بامقصد راندين جون سرگرميون باقاعدي منعقد ڪيون وينديون: منتظمن
ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ويمن اسپورٽس فورم ۽ چارٽر فار ڪمپيشن جي گڏيل سهڪار سان وومين واريئرز فٽسل ليگ 2026 جي ڪامياب انعقاد 20 جون 2026ع تي برج اسپورٽس ارينا، قيوم آباد، ڪراچي ۾ ڪئي وئي. هن ايونٽ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان تعلق رکندڙ ڇهن ٽيمن شرڪت ڪئي، جن ۾ اوورسيز ايف سي، لياري فٽبال اڪيڊمي، ديا فٽبال اڪيڊمي، نيور اليونز، شي پليز ايف سي ۽ گرين يونائيٽيڊ ايف سي شامل هيون. سڀني ٽيمن شاندار راند، نظم ۽ ضبط ۽ بهترين اسپورٽس مين شپ جو مظاهرو ڪيو. تقريب جون معزز مهمان مس سمرين عارف (مينيجر پروگرام، چارٽر فار ڪمپيشن) ۽ ڊاڪٽر سعديه شيخ (مدر آف ويمن فٽبال ٽيم ۽ هيڊ ڪوچ، ديا فٽبال اڪيڊمي) هيون، جن رانديگرن جي همت افزائي ڪئي ۽ عورتن جي راندين جي واڌاري لاءِ اهڙين سرگرمين جي اهميت کي اجاگر ڪيو. سخت ۽ دلچسپ مقابلن کانپوءِ ديا فٽبال اڪيڊمي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، جڏهن ته لياري فٽبال اڪيڊمي رنر اپ رهي. انفرادي ڪارڪردگي جي اعزازن ۾ عمره (لياري فٽبال اڪيڊمي) ۽ حرمين (ديا فٽبال اڪيڊمي) کي شاندار ڪارڪردگي تي خصوصي ايوارڊ ڏنا ويا. معزز مهمانن ڪامياب ٽيمن ۽ نمايان رانديگرن ۾ ٽرافيون، ميڊل ۽ اعزازي سندون ورهايون. ان موقعي تي عورتن جي فٽبال جي واڌاري، نوجوان نياڻين کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ صحتمند سماج جي تعمير ۾ راندين جي اهم ڪردار تي پڻ روشني وڌي وئي. آخر ۾ ويمن اسپورٽس فورم طرفان چارٽر فار ڪمپيشن، معزز مهمانن، سڀني شريڪ ٽيمن، ڪوچز، والدين، رضاڪارن ۽ اسپورٽس ارينا جي انتظاميا جا ٿورا مڃيا ويا، جن جي سهڪار ۽ شرڪت سان ويمن واريئرز فٽسل ليگ 2026ڪاميابي سان منعقد ٿي. منتظمن ان عزم جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به عورتن لاءِ وڌيڪ معياري ۽ بامقصد راندين جون سرگرميون باقاعدي منعقد ڪيون وينديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وومين واريئرز فٽسل ليگ، دلچسپ مقابلا
0 تبصرے