پ پ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن، جنهن کي حربا هلائي ڪمزور ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون پيون وڃن
ڏوڪري (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مظبوط هٿن ۾ آهي، سياسي مخالف ڪيتري به پروپئگنڊا ڪن کين ڪجھ به نه ورندو، عادل الطاف انڙ. تفصيل موجب گذريل ڏينهن پ پ پ ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ جن ڏوڪري تعلقي جي گاڏهي، سومرا، ميراثي، بروهي،سولنگي، قادري، گاڏهي، ميمڻ، عالماڻي برادري سميت مختلف برادرين سان سندن پيارن جي وڇوڙي تي تعزيتون ڪندي چيو ته پي پي جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن، جنهن کي ڪيترين ئي سازشين مختلف حربا هلائي ڪمزور ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مظبوط هٿن ۾ آهي، جنهن کي ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي، سياسي مخالفن کي گهرجي ته ايندڙ اليڪشن جو انتظار ڪن، هاڻي عوام کين سڃاڻي چڪو آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي منشور تحت غريب عوام جي بنا رنگ نسل جي خدمت ڪري رهي آهي، ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن ۽ اڃان به پ پ جي قيادت کين وڌيڪ نوڪرين جا ذريعا پيدا ڪري کين روزگار سان سرشار ڪري رهي آهي، سنڌ جو نوجوان پوري دنيا ۾ پنهنجي ٽئلينٽ ذريعي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي، ان دوران ساڻس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري عبدالحمید جيسر، سابقہ چيئرمين لياقت علي سومرو، رئيس مظفر چانڊيو، مير شڪيل مينگل، عبدالقدير جيسر، سيف الله سومرو، ذوالفقار علي جتوئي،محراب علي خاصخيلي،عبدالغني ابڙو،ذوهيب جتوئي، حبيب الله کوکر، آغا خان جلباڻي، ڪميل خان جوڻيجو، ظهير علي ٿهيم، ڪاشف حسین خاصخيلي، وزير علي گاڏھي، عمران علي ميمڻ سميت ٻيا گڏ هئا.
0 تبصرے