ملير: سومار جوکيو ڳوٺ جا رهواسي لينڊ مافيا خلاف عدالت پهچي ويا, ڌرين کي نوٽيس جاري

نوٽيس موجب صديق آدم جي، محمد رفيق ۽ ٻين کي 13 اپريل تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

ملير: سومار جوکيو ڳوٺ جا رهواسي لينڊ مافيا خلاف عدالت پهچي ويا, ڌرين کي نوٽيس جاري

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي عدالت ففٿ سينيئر سول جج سومار جوکھیو ڳوٺن-1 جي سرپرست حبيب الله جوکھیو جي مدعيت ۾ داخل ڪيل درخواست تي ديھ جوريجي جي ناڪلاس نمبر 344 ۾ واقع گوٺ سومار جوکھیو-1 جي آسائش واري زمين تي مبينا غير قانوني قبضي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پابندي باوجود 25 ايڪڙ زمين جي غير قانوني داخلا ۽ اسٽے آرڊر جي خلاف ورزي واري معاملي تي جعلساز مافيا ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي۔عدالت طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب مبينا جعلسازن ۾ صديق آدم جي ولد عبدالله آدم جي، محمد رفيق ولد قربان علي سميت ذميوار سرڪاري عملدارن کي 13 اپريل 2026 تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔درخواستگذار حبيب الله جوکھیو پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته گوٺ سومار جوکھیو-1 جي آسائش لاءِ مخصوص زمين تي غير قانوني قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي واضح پابندي باوجود 25 ايڪڙ زمين کي مبينا طور روينيو کاتي جي رڪارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا عدالتي حڪمن جي کلي خلاف ورزي آهي۔درخواستگذار موجب مذڪوره زمين ڳوٺ واسين جي اجتماعي ضرورتن لاءِ مخصوص آهي، جنهن تي غير قانوني قبضي سبب مقامي ماڻهن جا حق متاثر ٿي رهيا آهن۔ عدالت جي نوٽيس بعد معاملو اهميت اختيار ڪري ويو آهي، جڏهن ته درخواستگذار عوام کي اپيل ڪئي آهي ته جعلسازن کان هوشيار رهن ۽ پنهنجي اجتماعي زمينن جي حفاظت لاءِ متحد ٿي وڃن۔