English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام ۾ 10 لک مائرن جي داخلا ۽ 47 لک هيلٿ چڪاسون مڪمل
151 views
|
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
صوبي جي 15 ضلعن مان 10 لک کان وڌيڪ ڳورهاري ۽ 2سالن کان ننڍن ٻارن جي مائرن کي رجسٽرڊ ڪري مالي سھائتا فراھم ڪئي پئي وڃي: ادارو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (SSPA)، سنڌ حڪومت ممتا پروگرام تحت هڪ وڏو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ صوبي جي 15 ضلعن مان 10 لک کان وڌيڪ حامله ۽ ٻن سالن کان گھٽ ڄمار جي ٻارن جي مائرن کي رجسٽرڊ ڪري مالي سھائتا فراھم ڪئي پئي وڃي. داخلا جي هن تاريخي انگ سان گڏوگڏ، پروگرام تحت 47 لک کان وڌيڪ طبي چڪاس پڻ ڪيا ويا آهن، جنهن سان مائرن ۽ ٻارن جي صحت جي بنيادي سهولتن تائين پهچ ۾ نمايان سڌارو آيو آهي. ڏورانهن ۽ پوئتي پيل علائقن جي هزارين عورتن لاءِ هي پروگرام پهريون ڀيرو باقاعده سرڪاري صحت جي سهولتن تائين پهچ جو ذريعو بڻيو آهي. سنڌ حڪومت جو ممتا پروگرام جو مقصد مالي مدد ۽ لازمي طبي چڪاس ذريعي مائرن ۽ نون ڄاول ٻارن جي فوتگين واري شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن رٿا تحت، حقدار عورتن کي 41,000 رپين تائين جي مشروط مالي سھائتا سڌو سنئون سندن موبائيل اڪائونٽس ۾ فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪا چونڊيل سرڪاري اسپتالن ۾ ويم کان اڳ ۽ پوءِ جي باقاعده طبي چڪاس سان مشروط آهي.ان ڪاميابيءَ تي ڳالهائيندي، سنڌ جي سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيوآھي ته: ”10 لک مائرن کي داخلا ڪرڻ جو سنگ ميل مائرن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو اظهار آهي. ممتا پروگرام رڳو مالي سهائتا ناهي، پر اهو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مائرن کي گهربل وقت تي گهربل طبي سارسنڀال ملي سگهي.“ تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام ۾ سانگهڙ ضلعو 105,317 رجسٽريشنز سان سڀ کان اڳڀرو آهي، جنهن کانپوءِ گهوٽڪي (97,075)، بدين (94,238)، ميرپورخاص (81,141)، ۽ ٿرپارڪر (80,796) آهن. ٻين ضلعن ۾ قنبر شهدادڪوٽ (76,303)، عمرڪوٽ (74,388)، ڪشمور ڪنڌڪوٽ (72,887)، جڪب آباد (68,854)، شڪارپور (51,221)، ٽنڊو الهيار (45,224)، ٺٽو (41,516)، مٽياري (38,514)، ٽنڊو محمد خان (38,279) ۽ سجاول مان 34,320 مائرون رجسٽرڊ ٿيون آهن. سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، ارشاد علي سوڍر وڌيڪ چيو ته: ”10 لک مائرن تائين پهچ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ماڻهن جو هن پروگرام تي ڪيترو اعتماد آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته لکين ضروري طبي چڪاس انهن عورتن تائين پهتا آهن جن کي ان جي سخت ضرورت هئي، جيڪا سنڌ جي خاندانن جي بهتر صحت لاءِ هڪ بنياد آهي“سنڌ حڪومت جو ممتا پروگرام صحت جي خطرن جي بروقت سڃاڻپ کي يقيني بڻائي ٿو ۽ حمل توڙي ٻار جي شروعاتي عمر ۾ بهتر غذائيت ۽ سارسنڀال کي هٿي ڏئي ٿو، جنهن سان مستقبل ۾ صحت جا بهتر نتيجا حاصل ٿيندا. سنڌ حڪومت ايندڙ مرحلي ۾ پروگرام جو دائرو وڌيڪ ضلعن تائين وسيع ڪرڻ ۽ خدمتن جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
SSPA
سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي
سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام
MAMTA PROGRAM SINDH GOVERNMENT
0 تبصرے