English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ منشيات خلاف جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، وڏي انگ ۾ شهري شريڪ
178 views
|
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سول اسپتال مڪلي کان قومي شاهراھ تائين منشيات خلاف آگاهي ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ۽ ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي جي قيادت ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ سول اسپتال مڪلي کان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مڪلي تائين آگاهي ريلي ۽ واڪ ڪيو ويو. ريلي ۾ روينيو، صحت، پوليس ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن، ڊاڪٽر، ميڊيڪل اسٽاف، استادن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ڀرپور شرڪت ڪئي. ريلي جو مقصد عوام کي گٽڪو، ماؤ ۽ ٻي منشيات جي نقصانن کان آگاه ڪرڻ هو. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي منشيات کان پاڪ، صحت مند ۽ باشعور سماج قائم ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته هي آگاهي مهم شهرين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ آهي ته جيئن اهي گٽڪو، ماؤ ۽ ٻي منشيات جي استعمال کان پاسو ڪن ۽ هڪ صحت مند سماج جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو منشيات کان انڪار، زندگي سان پيار اسان جو نعره هئڻ گهرجي. نوجوان نسل هن لعنت جو شڪار ٿي رهيو آهي، اسان کي گڏجي هن ناسور کي جڙ کان ختم ڪرڻو پوندو. منشيات هڪ زهريلو قاتل آهي، جيڪو انسان جي صحت، سوچ، ڪردار ۽ سماج کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس پاران منشيات وڪڻندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ هي سلسلو جاري رهندو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن منشيات خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊز کنيا ۽ ٻارن ۽ نوجوانن آگاهي پمفلٽ پڻ ورهايا. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ۽ ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته هي مهم نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ منشيات خلاف قومي جدوجهد کي مضبوط ڪرڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ منشيات خلاف جاڳرتا ريلي ڪڍي
0 تبصرے