English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جا ماڻھو پنهنجن تاريخي، آئيني ۽ جمهوري حقن تي سمجهوتو نہ ڪندا: اياز لطيف پليجو
8 views
|
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
محسن نقوي جا بيان وفاقي يونٽن جي وچ ۾ اعتماد کي نقصان پهچائين ٿا: قومي عوامي تحريڪ جو سربراھھ
حيدرآباد (بيورو) نيو جلالپور ڪئنال، شبير ساند جي قتل ، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، نياڻين جي قتل، ڪاروڪاري، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، پريا ڪماري ،اُجالا پرين سولنگي سميت ٻارن جي اغوا، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارپوريٽ فارمنگ، انتھاپسندي، ڪرپشن سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو ۽ شازيا احمداڻي جي اڳواڻي ۾ سٽي گيٽ حيدرآباد کان متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ ڪيو ويو، جيڪو ھيرا آباد، سول اسپتال، تلڪ چاڙهي، اسٽيشن روڊ، ڪوھ چوڪ، حيدر چوڪ، گولڊ بلڊنگ کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب پھتو، پيادل مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، الطاف خاصخيلي، شوڪت تنيو، ضلعي صدر نذير بليدي، سنڌياڻي تحريڪ جي نصرت خاصخيلي، زينت سمون، فضا ملاح، شھربانو راھوجو، جلال بجير، عبدالله چانڊيو، معشوق چانڊيو، بابو ميمڻ، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، ميڻي ڪولھي، بينظير بجير ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا.ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جي تازي بيان، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، جلالپور ڪئنال جي منصوبي ۽ تجويز ڪيل 28هين آئيني ترميم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا عوام پنهنجن تاريخي، آئيني ۽ جمهوري حقن تي ڪنهن بہ قسم جو سمجهوتو نہ ڪندا. محسن نقوي جا بيان وفاقي يونٽن جي وچ ۾ اعتماد کي نقصان پهچائين ٿا. وفاقي حڪومت جو فرض آهي تہ اها سڀني صوبن کي برابري جو آئيني ۽ سياسي احترام ڏئي، اهڙا بيان محرومي ۽ بيچيني ۾ اضافو ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ورهاڱي جو هر منصوبو ناقابلِ قبول آهي. سنڌ هڪ تاريخي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي وحدت آهي. لساني، انتظامي يا سياسي بنيادن تي سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش قومي يڪجهتي جي خلاف آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام هر سازش جو ڀرپور، پرامن ۽ جمهوري مزاحمت ذريعي مقابلو ڪندو. جلالپور ڪئنال سميت درياهه سنڌ تي اهڙا سمورا منصوبا جيڪي سنڌ جي حصي جي پاڻي کي متاثر ڪن، 1991ع جي آبي معاهدي ۽ بين الصوبائي انصاف جي اصولن جي خلاف آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اڳ ئي سخت پاڻي کوٽ، زرعي تباهي ۽ انڊس ڊيلٽا جي بربادي جو شڪار آهي. اهڙا منصوبا سنڌ جي معيشت، زراعت ۽ لکين ماڻهن جي مستقبل لاءِ خطرو آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ تجويز ڪيل 28هين آئيني ترميم جيڪڏهن صوبائي خودمختياري، وفاقي توازن يا آئين جي بنيادي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي تہ قومي عوامي تحريڪ ان جي ڀرپور مخالفت ڪندي. ارڙھين آئيني ترميم ذريعي حاصل ٿيندڙ صوبائي اختيارن تي ڪو به سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق فوري طور تي سنڌ جي خلاف سڀ تڪراري منصوبا ۽ قدم واپس وٺي، آئين، جمهوريت ۽ وفاقي اصولن جي پاسداري ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀني قومي معاملن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ پارليامينٽ ذريعي آئيني طريقي سان حل ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا عوام پنهنجي پاڻي، وسيلن، زمين، سڃاڻپ ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ هر جمهوري فورم تي جدوجهد جاري رکندا.سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار برداشت نہ ڪنداسين. پيپلزپارٽي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌو درياءَ، زمينن سميت وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل تباھ ڪرڻ چاھي ٿي. سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي وسيلن، پاڻي تان ھٿ کڻي وئي آهي نيو جلالپور ڪينال کي وهائڻ غير آئيني آهي سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهڻ ملڪ جي بقا خلاف سازش آهي. ملڪ جي ترقي پسند، جمھوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن پاڪستاني کي سنڌ سان گڏ بيهڻو پوندو. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي سمجهي ٿي تہ اسان وفاق سان سنڌ جو سودو ڪيو آهي اٺ ڪروڙ سنڌي اسان جا غلام آھن اھي خاموش رهندا. پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌي ماڻھو پنهنجي سنڌو جي درياھ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو بہ سنڌ جو ھڪ انچ بہ ڏيندا. نواز ليگ کي مضبوظ ڪرڻ لاء سنڌ پيپلزپارٽي کي لکي ڏئي ڇڏي اٿن، پيپلزپارٽي بي ٽيم وارو ڪرادار ادا پئي ڪري۔ پاڻ سڀ سنڌ واسي وفاق کي سنڱ چٽي ۽ بدي ۾ ڏنل آهيون، پيپلزپارٽي انهن کي پڪ ڏياري آهي تہ سنڌ اسان جي کيسي ۾ پئي آهي، سنڌ جي احتجاجن کي ڪير ٿو پڇي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
هالاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ رورل هيلٿ سينٽر ۾ آپريشر ٿيٽر يونٽ جو افتتاح
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي بي لوث خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي: بئريسٽر اسفند يار کرل
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻھو پنهنجن تاريخي، آئيني ۽ جمهوري حقن تي سمجهوتو نہ ڪندا: اياز لطيف پليجو
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ جا ماڻھو پنهنجن تاريخي، آئيني ۽ جمهوري
0 تبصرے