English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ انتهاپسندي روڪٿام پاليسي بابت اجلاس، عوامي پريس ڪلب جي وفد جي شرڪت
75 views
|
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڊپٽي ڪمشنر ملير جي صدارت هيٺ انتهاپسندي روڪٿام پاليسي 2024 تي عملدرآمد بابت هڪ اهم اجلاس ڊي سي ملير ڪمپليڪس، ملير هالٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي ملير اندر ڊسمبر 2025 دوران پاليسي جي نفاذ، ميڊيا جي ڪردار ۽ سماجي هم آهنگي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سمیع اللہ شیخ پنهنجي موقف ۾ چيو ته انتهاپسندي روڪٿام پاليسي تي عملدرآمد حڪومت جي اولين ترجيحن مان آهي، جنهن لاءِ انتظاميا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي ذميواري نڀائڻي پوندي هن چيو ته ميڊيا سماج ۾ امن، رواداري ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري مثبت ۽ ذميوار رپورٽنگ انتهائي ضروري آهي ڊي سي ملير وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا هر سطح تي انتهاپسندي، نفرت انگيز مواد ۽ افواهن خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ميڊيا سان تعاون ۽ رابطي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن پاليسي جا مقصد اثرائتي نموني حاصل ڪري سگهجن اجلاس ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي وفد جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاھ طارق جان سھتو پڻ شرڪت ڪئي عوامي پريس ڪلب ملير جي جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاهه چيو ته انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ آزاد، ذميوار ۽ غير جانبدار صحافت کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، ۽ اهڙا اجلاس ميڊيا ۽ انتظاميا وچ ۾ اعتماد وڌائڻ جو ذريعو بڻجن ٿا ھن صحافت جي لباس ۾ لڪل سرڪاري ملازمن خلاف ڪاروائيءَ ۽ رزاق آباد۾ باھ کان متاثر مھاڻن جي نقصان جي نشاندهي ڪندي ڊي سي ملير کي سندن بحالي لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ جي درخواست ڪئي اجلاس ۾ مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي نمائندن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ملير 1 اقبال جنڊاڻ پڻ موجود ھو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ۾ انتهاپسندي روڪٿام
0 تبصرے