ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگرهه جي حوالي سان گهگهر تي ميڙاڪو

تاڙين ۽ گيتن جي گونج ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگرهه جي حوالي سان گهگهر تي ميڙاڪو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 63هين سالگرهه جو وڏو عوامي ميڙاڪو گهگهر ۾ ٿيو ان موقعي تي تاڙين ۽ گيتن جي گونج ۾ ڪيڪ ڪٽيو ويو سالگره ميڙاڪي م پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان علاوه عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جي يو آئي، شهيد ڀٽو جي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ڪارڪنن طرفان قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ميڙاڪي کي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز ساميٽو، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر نظر ميمڻ، شمشاد زھراڻي، عوامي تحريڪ جي رستم ميراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي فياض اتيرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي مسلسل جدوجهد جو اهڃاڻ آهي هو بنا ساهي جي سنڌ جي عزت آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد جي ميدان تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي پنهنجي اصولي سياست سبب کيس جيل جون عقوبتون سهڻيون پيون جيڪي کلندي برداشت ڪيائين پر پنهنجي مقصد تان تر جيترو به پٺتي نه هٽيو، سنڌ ۾ ٻٽي نظام، زمينن تي والار، سنڌو تي ڌاڙي جي جڏهن به ڪوشش ڪئي وئي ته ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس تنظيم سنڌ ترقي پسند پارٽي انهن هٿڪنڊن خلاف جدوجهد جي پهرين صفن ۾ بيهي پاڻ ملهايو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافت صدين جو تسلسل آهي ثقافت تاريخي قومن جي ٿيندي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي هاڻي هڪ ٽولو جيڪو پاڻ کي مهاجر قوم سڏائي ٿو حقيقت ۾ مهاجر هجرت ڪندڙ کي چيو ويندو آهي جنهن جو ڪو وطن ڪا ثقافت نه ٿيندي آهي اسان سنڌي ۾ هنن کي لاڏائو چوندا آهيون اهي به پنهنجي ثقافت جي دعوي ڪري رهيا آهن ته اسان جي به ثقافت آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان جي پٺيان انهن جا ڪهڙا مقصد ٿي سگهن ٿا، جيستائين سنڌ ۾ سنڌ جو هڪ به حلالي فرزند موجود آهي ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ نه ڏينداسين ڇو سنڌ جا اصل ۽ حقيقي وارث اسان سنڌي آهيون، جڏهن ته پروگرام ۾ سنڌ جي ناميارن سگھڙن احمد علي چانڊيو ۽ علي نواز لنجواڻي قومي شاعري ٻڌائي ۽ لوڪ راڳين غوث بخش اوڍو، جانب مگسي ۽ منظور سخيراڻي قومي گيت ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.