ٺٽي ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽي ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) شيرازي فارم مڪلي لڳ ويٺل پورهيت عيدو ملاح عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پهچي الزام هڻندي چيو آهي ته ٽي ميل واسي رفيق خاصخيلي نالي شخص کيس چيو ته سندس مٿان اڍائي لک قرض آهي جيڪو شخص قرض ادا ڪندو ته هو پنهنجي نياڻي جو رشتو ان سان ڪرائيندو اهڙي طرح عيدو ملاح چيو مون پنهنجي محرفت رفيق خاصخيلي جي نياڻي جو رشو خاڪو پالاري نالي شخص سان ڪرايو سندس ضمانت تي رفيق خاصخيلي اڍائي لک قرض ۽ ساڍا ٽي لک ڏاج عيوض ورتا جيڪو هاڻ نه کين رشتو ٿو ڏي نه ئي وهنوار ٿو ڪري هن چيو ته آئون غريب آهيان مونکي رفيق خاصخيلي هٿرادو ڦاسائي ڇڏيو آهي جڏهن خاڪو پالاري هاڻ هن کي پئسا واپس ڪرائڻ لا۽ تنگ پيو ڪري جڏهن ته رفيق خاصخيلي به هنن جو ڪو مسئلو حل نه پيو ڪري جنهن ڪري هن ايس ايس پي ٺٽو کان فوري معاملو حل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي