English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان سامان چوري، ڪيترائي ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏي ويا
149 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڊ ر)عمرڪوٽ جي علائقي ڍورونارو ۾ نامعلوم چورن بجلي جي ٽرانسفارمرن کي نشانو بڻائيندي ڳوٺ ستار ملاح ۽ مانجهي منگريو ۾ لڳل ٽرانسفارمرن جو قيمتي اندروني سامان چوري ڪري ورتو آهي، چوري جي هن واقعي کان پوءِ علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ بجلي کان محروم ٿي ويا آهن، جنهن سبب روزمرهه جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، علائقي واسي ٻڌائن ٿا ته ٽرانسفارمرن مان اهم سامان ڪڍي وڃڻ سبب بجلي جي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي آهي، جنھن سبب ماڻهون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع حيسڪو انتظاميه کي ڏئي ڇڏي آهي، پر اڃان تائين بجلي بحالي لاءِ ڪو به عملي قدم ناهن کنيا ويا، متاثر ڳوٺن جي رهواسين حيسڪو عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ٽرانسفارمرن جي مرمت يا متبادل بندوبست ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي ۽ چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جلد بجلي بحال نه ڪئي وئي ته هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان
0 تبصرے