عمرڪوٽ ۾ اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ جو اجلاس

ليبر قانونن تي عملدرآمد ۽ صنعتي امن امان جي قيام بابت غور ويچار

عمرڪوٽ ۾ اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ جو اجلاس

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي اندر مزدورن ۽ صنعتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن، روزگار جي موقعن، محنت ڪشن جي فلاح و بهبود، ليبر قانونن تي عملدرآمد ۽ صنعتي امن امان جي قيام بابت تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو. ان موقعي تي اجلاس ۾ سپرنٽنڊنگ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني (ايس اي سي ايم سي)، پاڪستان ريلويز جا نمائندا، سيڪريٽري آر ٽي اي، ضلعي اطلاعات کاتو، ڊسٽرڪٽ آفيسر ليبر، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، اسٽيوا، ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ۽ ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري چيو ته ضلعي ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ سان گڏ مزدورن جي حقن جو تحفظ، محفوظ ڪم ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ ۽ ليبر قانونن تي مڪمل عملدرآمد انتهائي ضروري آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته باهمي رابطي ۽ سهڪار سان مسئلن جو حل يقيني بڻايو وڃي ۽ ايڊوائزري بورڊ جي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، فني تربيت جا پروگرام، ليبر ويلفيئر اسڪيمون، گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عملدرآمد ۽ صنعتي تڪرارن جي حل بابت مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن پنهنجي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي ۽ درپيش مسئلن بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي انتظاميا مزدورن ۽ صنعتي ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيندي ۽ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ کي هڪ فعال پليٽ فارم بڻائي عوامي مفاد ۾ اثرائتا فيصلا ڪيا ويندا.