ملير: ڀينس ڪالوني جي گول گرائونڊ ڀرسان فائرنگ ۾ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي

فائرنگ دوران ڇرا لڳڻ سبب نعمان، فريد، سرطان، لکو، جمشيد، ارسلان ۽ فيضان زخمي ٿي پيا

ملير: ڀينس ڪالوني جي گول گرائونڊ ڀرسان فائرنگ ۾ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 07، گول گرائونڊ ڀرسان نامعلوم طرفان ڪيل فائرنگ سبب ريپيٽر جا ڇرا لڳڻ سان ٻارن سميت 06 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته زخمين کي ترت جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ ننڍي عمر جا ٻار پڻ شامل آهن، جن کي جسم جي مختلف حصن تي ڇرا لڳا آهن۔ اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ خوشقسمتي سان ڪنهن به زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ناهي ٻڌائي وئي۔زخمين جي سڃاڻپ نعمان ولد بادل عمر 12 سال، فريد ولد اقبال عمر 17 سال، سرطان ولد لکھو عمر 24 سال، جمشيد ولد علي شير عمر 10 سال، ارسلان ولد اشرف عمر 30 سال ۽ فيضان ولد اشرف عمر 35 سال طور ٿي آهي۔پوليس موجب فائرنگ نامعلوم سمت کان ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو واقعو پيش آيو۔ پوليس واقعي واري هنڌ تان شواهد گڏ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔ ابتدائي طور واقعي جي نوعيت معلوم ڪرڻ ۽ ذميوار عنصرن جي سڃاڻپ لاءِ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڇان بين جاري آهي۔علائقي واسين واقعي تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد از جلد گرفتار ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ سڪيورٽي جا مؤثر انتظام ڪيا وڃن، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي۔