English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ ٻن هفتن دوران 3 ايس ايڇ اوز بدلي ٿيڻ باوجود منشيات جو وڪرو جاري
252 views
|
07th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پوليس نالي ماتر ڪاروائين تائين محدود، انڊين شراب، ٺرو، مين پڙين جو وڪرو سرعام هلندڙ آهي: علائقي واسي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ ٻن هفتن دوران ٽن ايس ايڇ اوز جي بدلي باوجود منشيات جو وڪرو بند نه ٿيو، پوليس نالي ماتر ڪاروائين تائين محدود، علائقي ۾ انڊين شراب، ٺري، مين پڙين، آئيس ۽ ٻين نشي آوور شين جو وڪرو جاري، نوجوان نسل تباھ. تفصيل موجب ڪنري تعلقي ۾ منشيات فروشن خلاف پوليس پاران ڪاروايون ڪري سختي ڪرڻ بعد وري اهي سماج دشمن عناصر سرگرم بڻيل آھن، ٻه هفتا اڳ ڪروڙين روپين جي منشيات ملڻ سبب ايس ايڇ او افتخار باجوا کي معطل ڪيو ويو، جنھن بعد ڪنري ٿاڻي جي ايس ايڇ او حسين جٽ کي مقرر ڪري کيس چئن ڏينھن بعد بدلي ڪري فرحان ميمڻ کي هتي جو نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو ٻن هفتن ڏينهن اڳ دوران ٻن ايس ايڇ اوز کي هٽايو ويو پر ان جو ڪو اثر نه ٿيو آھي، علائقي ۾ شراب ۽ منشيات فروشي بدستور جاري آهي ذريعن موجب ڪنري شھر ۽ آسپاس ۾ سفينا، عاداب، ريس سميت ٻين مختلف نالن سان مين پڙين جو وڪرو جاري آھي جڏھن ته ديسي شراب ٺري جون بٺيون، انڊين شراب وسڪي جو وڪرو، آئيس، چرس آفيم، شراب سرعام هلڻ جا اطلاع آهن. اهڙي ريت ڪنري جي غريب آباد، امير آباد پاڙي، ميمڻ ناڪي، ٻسٽان، سميت مختلف هنڌن تي وسڪي شراب سان گڏ سفينا آداب ۽ ٻين نالن واري منشيات وڪرو ٿئي پئي پر ڪير پڇڻ وارو نه آهي پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ ۾ الزام تراشين بعد منشيات خلاف ڪافي وٺپڪڙ ۽ الزام تراشيون ٿيون پر ان جو مثبت اثر نه پيو، علائقي ۾ ديسي شراب ٺري جون ڪيتريون ئي بٺيون قائم ٿيل آھن، شھر ۾ لڪ ڇُپ ۾ شراب جو وڪرو پڻ جاري آھي، هوڏانهن منشيات شراب وغيره خلاف ڪارواين جي حوالي سان اينٽي نارڪو ٽئڪس فورس، ايڪسائيز پوليس ۽ ٻين فورسز جو ڪردار صفا زيرو آهي اهي اصل عملي ڪمن بدران خاموش آهن هتان جي سڄاڻ حلقن صدر مملڪت آصف علي زرداري، ميڊم فريال ٽالپر، گهرو وزير ضيا الحسن لنجار، آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته انهن سماج دشمن عناصرن خلاف سخت ڪاروايون ڪري اهو آزار ختم ڪرايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻھو پنهنجن تاريخي، آئيني ۽ جمهوري حقن تي سمجهوتو نہ ڪندا: اياز لطيف پليجو
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ ٻن هفتن دوران 3
منشيات جو وڪرو جاري
ايس ايڇ اوز بدلي ٿيڻ باوجود
0 تبصرے